سنڌ جا ڪمزور بئراج!

تحرير: غلام حسين لغاري

هڪ ته سنڌ جي ڪچي ۾ خوف واري صورتحال آهي ٻيو ته اڪثر ماڻهو انوقت اجها ڇڏيندا آهن جڏهن پاڻي مٿان اچي بيهندو آهي۔ڀارت پاڪستان کي ٻوڙڻ لاءِ جيڪي به ڌمڪيون ڏيندو رهيو ۽ ڪري به ڏيکاريو جو پنهنجي ڊئمن جا بنا ڪنهن خبردار ڪرڻ جي اسپيل کولي ڇڏيا جنهنڪري ڀارتي پاڻي پنجاب کي ٻوڙڻ شروع ڪيو آهي انجا وڏا شهر سيالڪوٽ ڪرتاپور توڙي جو سوين ننڍا وڏا ڳوٺ ٻڏي چڪا آهن ماڻهو مال متاع لڙهي وڃڻ جا اطلاع آهن چناب ۽ ٻين بئراجن کي بچائڻ لاءِ فوج طلب ڪري حفاظتي بندن کي ايئن هٿرادو گهارا وڌا ويا آهن جينن 73 ، 76 ۽ 22 ۾ سکر لڳ علي پور وٽان ڪنڌڪوٽ سيوهڻ ۽ مورو وٽان ڪٽ ڏئي سکر مورو ۽ ڪوٽڙي بئراجن کي بچايو ويو هو خدا نه ڪري جو سنڌ ۾ به اهڙي صورتحال دهرائجي تنهن هوندي به سنڌ جي حڪومت درياهه سنڌ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي جي آبادي ۽ بئراجن کي بچائڻ جي لاءِ وزيرن ۽ سياسي اڳواڻن کي اهم ذميواريون ڏئي ڇڏيون آهن۔

سنڌ کي خشڪي طرف ڌڪڻ ۾ به پنجاب اڳڀري رهندي آهي ته ٻوڙڻ ۾ به رهندي آهي ۽ سنڌ ۾ وري اهڙي اشو کي کڻي انتي سياست ڪئي ويندي آهي ۽ ان سياست جو سڌو سنئون فائدو پنجاب کي ئي ملندو آهي جيڪا سنڌ کي معاشي طور تباهه ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان رهندي آهي۔ملڪ ۾ خاص ڪري پنجاب ۾ جڏهن به ٻوڏون اينديون آهن ته اهو پاڻي ڪڏهن به پنجاب جي ريگستان ڏانهن ناهي موڪليو ويو بلڪ سنڌ ڏانهن سڌو سنئون موڪليو ويندو آهي جيڪو سنڌ جي ڪچي توڙي پڪي کي ٻوڙي ڇڏيندو آهي۔هونئن به ٻوڏون انوقت اينديون آهن جڏهن ڪچي ۽ پڪي ۾ خريف جا فصل لهڻ جي ويجهو هوندا آهن۔ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻڏي جا ٻيڻا هوندا آهن پر نقصان ڪجهه وڌيڪ هوندو آهي ۽ ماڻهن کي لڏپلاڻ لاءِ تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي۔

هن سال توڙي گذريل سال سنڌ جي ڊيلٽا بري طرح متاثر رهي ۽ سنڌ جو ڪچو به ڪجهه وڌيڪ متاثر رهيو جو درياهه سنڌ ۾ پاڻي جو ڍڪ به نه هو جو ڪچي جا ماڻهو پنهنجيون زمينون آباد ڪري سگهن ها هن سال ربيع جا فصل پوکجڻ جي اميد آهي جو ڪچو مڪمل طور ڀرجي رهيو آهي۔رهيو سوال گڊو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جو ته اهي سنڌ جي نهري نظام لاءِ حقيقت آهن جن کي ڪنهن به امڪاني نقصان کان بچائڻ وقت جي ضرورت آهي۔ڪچي ۾ پاڻي جو انهيءَ ڪري به زور رهي ٿو جو پاڻي جا سمورا لنگهه وڏيرن ۽ سردارن جي قائم ڪيل ناجائز ڪيٽين سبب بند آهن جيڪي درياهه جا پراڻا وهڪرا چيا وڃن ٿا۔سنڌ هاء ڪورٽ ۽ خود سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيل ٺهرائن جي اهي لنگهه بحال ٿي ناهن سگهيا جو پاڻي پنهنجو رستو وٺي هليو وڃي۔اوائلي دور ۾ ڪچي ۾ ڪو ڪو هڪ اڌ گهر نظر ايندو هو هاڻ ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين هزارن جي انگ ۾ ننڍا وڏا ڳوٺ ۽ گهر ٺهي چڪا آهن جنهنڪري به پاڻي جا وهڪرا متاثر ٿين ٿا ۽ هنگامي صورتحال ۾ ڪچي جي لکين ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ محفوظ هنڌن تي پهچائڻ به حڪومت جي وس ۾ ناهي باقي سرندي وارا پنهنجي پاران ٽرانسپورٽ گهرائي محفوظ هنڌن ڏانهن هليا ويندا آهن۔هاڻ به ساڳيو ماحول آهي پاڻي سر مٿان بيٺو آهي ۽ امداد لاءِ دانهون ڪوڪون پيون ڪيون وڃن۔هونئن به اهو ڪچو ناهي رهيو جيڪو اوائلي دور جو هوندو هو بهرحال خدا ڪچي جي ماڻهن کي محفوظ رکندو ۽ ڀارت جو موڪليل پاڻي سمنڊ تائين بنا ڪنهن نقصان پهچائڻ جي هليو ويندو۔

هن سال هڪ ته ملڪ جي اترين علائقن توڙي سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ مسلسل برساتون پيون آهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ته اڃا جاري آهن مٿان ڀارتي پاڻي جو داخل ٿيڻ ملڪ کي خوف واري صورتحال طرف ڌڪي ڇڏيو آهي۔بقول پاڻي جي ماهرن جي ته جهڙي طرح پاڻي جا وهڪرا آهن ته اهي 12 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهن ٿا جو پاڻي جي آمد جو سلسلو جاري آهي۔سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي پاسن وارا حفاظتي بند ڪمزور آهن جن۽جي ڪا به مرمت ٿي ناهي سگهي۔گڊو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جا در به ڀڳل ٽٽل آهن جن کي به نقصان جو انديشو آهي خدا نه ڪري جيڪڏهن بئراجن کي ڪو نقصان پهتو ته سنڌ جي اها سگهه ئي ناهي جو وري ٺهي سگهن جنهن سان سنڌ جي معاشي حالت تباهه ٿي سگهي ٿي تنهنڪري بئراجن جي بچاء لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پندي۔اهڙي طرح جيڪڏهن بندن کي ڪٽ لڳن ٿا ته شهرن جا شهر متاثر ٿي سگهن ٿا جن کي به بچائڻ جي ضرورت پوندي۔ڀارت ۽ پنجاب جي درياهن جو پاڻي جو سنڌ “ داخل ٿئي سنڌ ۾ ٻوڌ ايمرجنسي ڊڪلريئر ڪري اڳواٽ امدادي ڪئمپن جي نشاندهي ڪئي وڃي لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن ۽ سندن مال متاع کي اتي ترسايو وڃي جيئن زندگين جو به بچاءُ ٿي سگهي۔ صحت کاتي جو عملو اهڙين رليف ڪئمپن ۾ مقرر ڪيو وڃي۔ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي۔

هن سال هڪ ته ملڪ جي اترين علائقن توڙي سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ مسلسل برساتون پيون آهن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ته اڃا جاري آهن مٿان ڀارتي پاڻي جو داخل ٿيڻ ملڪ کي خوف واري صورتحال طرف ڌڪي ڇڏيو آهي۔بقول پاڻي جي ماهرن جي ته جهڙي طرح پاڻي جا وهڪرا آهن ته اهي 12 لک ڪيوسڪ کان وڌي سگهن ٿا جو پاڻي جي آمد جو سلسلو جاري آهي۔سنڌ ۾ درياهه جي ٻنهي پاسن وارا حفاظتي بند ڪمزور آهن جن۽جي ڪا به مرمت ٿي ناهي سگهي۔گڊو سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جا در به ڀڳل ٽٽل آهن جن کي به نقصان جو انديشو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.