سنڌ ۾ درياهي ٻوڏ جو خطرو ۽ انتظاميا جي حڪمتِ عملي

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

سنڌو درياهه هميشه کان سنڌ جي حياتي ۽ زراعت جو مرڪز رهيو آهي، پر ساڳي وقت وڏين ٻوڏن جو خطرو به هن ڌرتيءَ سان سلهاڙيل رهيو آهي. هاڻوڪي صورتحال ۾ جڏهن صدر پاڪستان آصف علي زرداري پاران سنڌ حڪومت کي امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ۾ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آھي،اهڙي طرح ئي هڪ هنگامي اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ به  خبردار ڪيو آهي ته وڏي ٻوڏ جو امڪان آهي،  ته پوءِ ان صورتحال ۾ عوامي نمائندن، انتظاميا ۽ انجنيئرنگ ادارن جي ذميوارين ۾ وڌيڪ سنجيدگي ۽ گڏيل حڪمتِ عملي جي ضرورت آهي.

بئراجز تي پاڻي وهڪري جي صورتحال ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اطمينان بخش نه رهندي،ڇو ته درياهي وهڪرا انتهائي تيز ۽ پاڻي جي دٻاء هيٺ آھن.۽ ڀارت کان ڇڏيل پاڻي کانپوءِ واري صورتحال ۾ پنجاب وي ٻوڏ جو شڪار ٿي پيو آھي.وڏي هنگامي صورتحال آھي.ان ڳالهه کي مد نظر رکي جڏهن سنڌ جي درياهي لنگهن ۽ بئراجز جي صورتحال سميت ڪمزور درياهي بندن تي نظر ڦيرايون ٿا ته صورتحال ڪا به اطمينان بخش نظر ڪونه ٿي اچي.

هن وقت گڊو،سکر ۽ ڪوٽري بئراج سنڌ جي آبپاشي ۽ حفاظتي نظام جا اهم مرڪز آهن. پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي اچي رهي آهي، جنهن سان بئراجز تي دٻاءُ وڌڻ جا چٽا امڪان آهن. ٽيڪنيڪل ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي هنڌن تي بئراجز جا دروازا ۽ ڪئنالن جا ڪنارا وقتائتا مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب ڪمزور آهن، جيڪي وڏي وهڪري کي برداشت ڪرڻ ۾ خطري جو باعث ٿي سگهن ٿا.جيڪڏهن اها صورتحال بيهندي ته سنڌ جو آبپاشي نظام ئي وڏي خطري جو باعث ٿي سگهي ٿو.ادارتي سرگرمين ۽ پي ايس ڊي پي کان ويندي سنڌ ترقياتي کاتي جي ڪارڪردگي ۽ سرگرمين کي ڏسون ٿا ته سواءِ افسوس جي ٻيو ڪجهه آھي ڪونه.هوڏانهن فلڊ ڪميشن کان ويندي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ جي ڪارڪردگي ۽ سرگرمي کي ڏسندا ته اتي به سواءِ ڏک ۽ افسوس جي ڪو ٻيو اظھار نظر نه ايندو.اهڙي ئي خرب صورتحال ۾  سنڌ جو آبپاشي نظام ۽ کاتو آھي،ان کاتي اندر ويٺل ڪرپٽ ۽ بيحس انتظاميا جيڪم ڪار جي ڪارڪردگي ڏسندا ته سواءِ توبھه  ڪرڻ جي ٻي ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ايندي!!جيڪڏهن ڪا بهتر ڳالهه ٿي آھي ته آبپاشي کاتو،زراعت کاتو ۽ ڊزاسٽر مينيجمنٽ وارا ٻڌائن ۽ ڪارڪردگي جا انگ اکر پبلڪ ڪن ڏسون ته گذريل  5 سالن  کان 10 سالن اندر ڪهڙي بهتري ۽ ۽ ڪهڙا بهتر ۽ مثبت اثر ٿيا آھن.انهيءَ ڪريهتي هنن ڪالمن ۾ بار بار انهن انتظامي،عوامي ۽ ادارتي معاملن جي نشاندهي ڪندا اچون پيا.

سنڌ جا ڪيترائي درياهي بند، جن کي ٻوڏ روڪ بند به سڏيو ويندو آهي، مرمتي ڪم جي کوٽ سبب ڪمزور ٿي چڪا آهن. گهڻن هنڌن تي پچنگ ۽ پٿرن جي کوٽ، انجنيئرنگ نگرانيءَ جي گهٽتائي ۽ وسيلن جي غيرشفاف استعمال سبب بندن ۾ ڀڃ ڊاهه جو خطرو وڌيل آهي.مثال طور غوثپور بند،نئوديرو بند سميت حيدرآباد ڄامشورو تائين درياھ جا بند مختلف پاسن کان ڪمزور آھن.ان لاءِ سيٽ لائيٽ جوسهارو وٺندي چيڪ ڪيو وڃي ته ڪٿي ڪٿي بند ڪمزور آھي ۽ توجھ ۽ مرمت جوڳا آھن.ان لاءِ حڪومت کي کپي ته واپڊا،فلڊ ڪميشن ۽ ارسا وارن کان به پاڻي نيڪال ۽ ان فلڊ فلو کي نيجال ۾ مدد وٺڻ کپي.جنهن لاءِ ضروري آھي ته سڀ کان پهريان نگراني ڪرڻ سان گڏوگڏ بندن جي سنڀال لاءِ  سيٽ لائيٽ اميجز وٺڻ ۽ ڏسڻ کپن.درياھ جا بند  جيڪڏهن وقت سر مستحڪم نه ڪيا ويا ته هڪ ڀڃڪڙي وڏي انساني ۽ زرعي تباھيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

ٻوڏ جو وهڪرو جڏهن وڌي ٿو ته قدرتي درياهي لنگهن (Flood Passages) کي کليل رکڻ تمام ضروري هوندو آهي، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اڪثر درياهي لنگهن تي غيرقانوني اڏاوتون، زرعي قبضا ۽ آبادڪاري ڪئي وئي آهي. اهڙين رڪاوٽن سبب ٻوڏ جو پاڻي قدرتي وهڪري بدران ڳوٺن ۽ زرخيز زمينن ۾ داخل ٿي وڏو نقصان پهچائيندو آهي.انتظاميا جي حڪمتِ عملي.انتظاميا پاران هنگامي بنيادن تي ايمرجنسي پلان، هنگامي ڪيمپون، ريسڪيو ٽيمون ۽ عوامي آگاهي مهمون هلائڻ جي ضرورت آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل سالن جي تجربي مطابق حڪمت عملي گهڻو ڪري ڪاغذن تائين محدود رهي ٿي ۽ ميدان ۾ عملي قدم وقتائتا نه ٿا کنيا وڃن. مشورا.بئراجز ۽ بندن تي ٽيڪنيڪل ماهرن جي نگراني ۾ روزاني رپورٽ جاري ڪئي وڃي.درياهي لنگهن تان قبضا ختم ڪري کليل رکيا وڃن هنگامي ڪيمپن ۾ صاف پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن جو مناسب انتظام ڪيو وڃي.

مقامي نمائندن کي پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجن علائقن ۾ بندن جي نگراني پاڻ ڪن.هر ضلعي ۾ “فلڊ ڪنٽرول روم” فعال ڪري عوام لاءِ کليل ڪيو وڃي.سنڌ ۾ ايندڙ ممڪن ٻوڏ وڏي چيلينج جي صورت ۾ سامهون اچي رهي آهي. حڪومت، عوامي نمائندا ۽ سول سوسائٽي جيڪڏهن گڏيل طور ذميواري نڀائين ته نقصان گهٽائي سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ لاپرواهي ۽ غير سنجيدگي انساني الميي ۾ تبديل ٿي سگهي.ان لاءِ اچون ته هنن هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيون ۽ ڪوشش ڪيون ته ڪا هنگامي ۽ امڪاني صورتحال ۾ جڪڏهن ڪا خراب صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته ڪهڙا ڪم ڪجن.

سکر بئراج سنڌ جي جي آبپاشي نظام جو بهترين ۽ بين الاقوامي نمونو آھي.ان ڪري سکر بئراج جو هجڻ ۽ سکر بئراج جو بچاء ۽ اتان پاڻيء جو لنگھ يا نيڪال ڪيترو ضروري ۽ اهم آھي ۽ ان دوران بئراج جي دروازن کان ويندي ديوارن ۽ اسٽرڪچر کي گهٽ کان گهٽ نقصان جي امڪانن تي سوچيو وڃي.ٻي صورتحال اها آھي ته سکر بئراج سنڌ جي جياپي ۽ زرعي جياپي جو وڏو سهارو چئجي ته غلط ڪونه ٿيندو.ان سموري صورتحال ۾ سکر بئراج تي خاص طور ۽ درياهي بندن تي جيڪي ڪم ٿيا آھن ۽ جنهن لاءِ سکر بئراج جي زميوارن خاص طور وزير ڄام خان شورو،سيڪريٽري ايريگيشن ظريف کيڙو،سکر بئراج تي بئراجز امپرومنٽ وارا زميوار ۽ خاص طور تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سکر بئراج پريتم داس کي کپي  ته هو جيڪا درست صورتحال آھي کان حڪومت ۽ انتظاميا کان ويندي عڳام تائين صورتحال سامهون رکن.ٻي صورتحال ۾ ڪوڙن خطن ۽ اجاين شوشل ميڊيا پروپيگنڊا واري صورتحال کان ٻاهر نڪري حڪومتي،انتظامي ۽ ادارتي صورتحال کي عوام سامهون رکڻ ضروري آھي.سنڌ حڪومت پنهنجي تي امڪاني صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ اميد به ڪرڻ کپي ته صورتحال بهتر ۽ ضابطي ۾ اچي ويندي.پر هتي ڪرپٽ مافيا،رشوت خور انتظاميا جتي ادارن جي ساک داو تي لڳائي آھي،اتي هنن عوامي حڪومتن کي به بدنام ڪرڻ ۾گهٽ ناهي ڪيو.هي هڪ مثال سامهون رکون ٿا جيڪو ڪنهن نموني کان گهٽ ناهي.اروڙ يونيورسٽي روهڙي جو وائيس چانسلر زاهد کنڊ انجنيئرنگ،هيريٽيج ۽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جو وي سي آھي،سندس جي وجھ شھرت به ڪمپيوٽر سائنس ۾ پي ايڇ ڊي سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنسي جي سبجيڪٽ کي متعارف ڪرائي يونيورسٽي جو نالو مٿاهين سطح تي کڻي آيو آھي.بلڪل ردست ،بهترين ۽ لاجواب!!پر افسوس جو تازو شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور کي نئين يونيورسٽي جي تعميراتي ڪمن جي بجيٽ جيئن ريليز ٿي آھي ته ان جنرل يونيورسٽي جي انچارج وي سي طور چارج به هن ٽيڪنيڪل ماهر تعليم کي ڏني وئي؟

اهڙي نموني گذريل سال کان سکر بئراج جي دروازن ۽ هلندڙ پروجيڪٽ جو زميوار وري انجنيئر پريتم داس بڻيو آھي،حيرت جي ڳالهه آھي ته پهريان ايم ڊي سيڊا طور ڪم ڪري پيو ان کان علاوه بئراج پروجيڪٽ ۾ فنانس مينيجر به آھي۽ وري هڪ ڪروڙي جعلي خط معرفت معطل سکر بئراج پروجيڪٽ ڊائريڪٽر غلام محي الدين جي جاء تي هن کي چارج ڏني وئي.!!؟اهڙي ئي نموني وري سکر بئراج پروجيڪٽ تان جعلي خط زريعي هٽايل ايريگيشن انجنيئر غلام محي الدين کي ڪي فور منصوبي ڪراچي جو انچارج رکيو ويو آھي.اهڙين حالتن ۾ هي امڪاني حالتون ڪيئن ڪنٽرول ٿي سگهن ٿيون؟سو هڪ وڏو سوال ۽ بحث طلب ۽ حل طلب سوال آھي. اچو ته ادارن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪيون.جيڪو عوام،صوبي ۽ رياست لاءِ بهتر تاثر ڏئي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.