ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ فرحان غني ۽ ٻين جوابدارن کي ريمانڊ ختم ٿيڻ تي ٻيهر پيش ڪيو ويو۔ عدالت ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ پڇيو ته جاچ ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي؟ پراسڪيوشن وڌيڪ ٻن ڏينهن جي ريمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته عدالت سوال ڪيو ته ٽن ڏينهن ۾ ڇا ڪيو آهي؟ کوجي ڪتا ڪٿي آهن، ڇا اهي مري ويا آهن؟ سي آءِ اي ۽ ايس آءِ يو ڪٿي آهن؟ توهان رڳو عام ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ڄاڻو ٿا. عدالت چيو ته اوھان هن ڪيس کان پوءِ ڊي ايس پي بڻجندئو ڇا؟ ٻڌڻي دوران اجرڪ سان نمبر پليٽن جو به ذڪر ٿيو، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته هڪ جج به نمبر پليٽ لاءِ درخواست ڏني، ماڻهن پئسا به ڏنا، پر عدالت کي ذليل ڪيو پيو وڃي. فريادي اڃا تائين شاهد پيش نه ڪيا آهن، جنهن تي جج جاچ آفيسر کي ڇنڊ پٽيندي عدالت چيو ته ڇا اوهان فريادي جا ملازم آهيو؟ عدالت آخر ۾ جوابدارن کي 30 آگسٽ تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪنهن به صورت ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.