وڏي گريڊ جا سرڪاري آفيسر بي آءِ ايس پي امداد وٺڻ ۾ ملوث

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) مان سرڪاري آفيسرن کي اربين رپين جي غيرقانوني ادائيگين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ موجب، هڪ لک 40 هزار کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن 23 ارب 68 ڪروڙ رپيا غيرقانوني طور تي حاصل ڪيا، جن ۾ گريڊ 16 کان 22 تائين جا آفيسر شامل هئا. اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته رڳو گريڊ 19 جا 630، گريڊ 20 جا 85 ۽ ڪجهه گريڊ 22 جا آفيسر به امداد وٺندڙن ۾ شامل آهن. ڪجهه ملازمن جون گهر واريون، پنشنرز ۽ فوت ٿيل ماڻهن جا نالا به بينيفشري لسٽ ۾ شامل رهيا. آڊيٽر جنرل مطابق، اڄ تائين 16 ارب 33 ڪروڙ رپيا واپس ورتا ويا آهن، پر وڏي رقم جي رڪوري اڃا باقي آهي. ايف آءِ اي 879 ايف آءِ آر داخل ڪري 292 ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ عدالتن ۾ چالان جمع ڪرايا آهن. پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي، جنهن جي صدارت ڪنويئنر معين عامر پيرزادا ڪئي، ايف آءِ اي کي گريڊ 16 کان مٿي آفيسرن خلاف ڪرمنل ڪارروائي ۽ گريڊ 15 تائين ملازمن کان فوري رڪوري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. غربت جي خاتمي واري ڊويزن بابت آڊٽ اعتراضن جي جائزي اجلاس دوران بي آءِ ايس پي سيڪريٽري چيو ته امداد وٺندڙن ۾ 22 گريڊ جي آفيسرن جا نالا به لکيل آهن، کين شرم اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.