ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، سينيئر صحافي ۽ ماهوار ڪرن/ خواتين / شعاع / عمران ڊائجسٽ گروپ جي چيف ايڊيٽر عامر محمود کي ڊفنس فيز 8 جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم عامر محمود جي جنازي نماز خميس ڏينهن ظهر نماز کان پوءِ قرآن اڪيڊمي ڊي ايڇ اي فيز 6 ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ مرحوم جي گهرڀاتين، مائٽن ۽ دوستن سان گڏوگڏ، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سينيٽر وقار مهدي، سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل غلام نبي چانڊيو، فنانس سيڪريٽري حامد حسين عابدي، نائب صدر (سنڌ) قاضي اسد عابد، اڳوڻن سيڪريٽري جنرلن اعجاز الحق، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، انور ساجدي، اڪرام سهگل، مقصود يوسفي، عارف بلوچ، عبدالخالق مارشل، جاويد مهر شمسي، يونس مهر، شير محمد کهاوڙ، محمود عالم خالد ۽ ٻين ميمبرن سميت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي صدر سرمد علي، ڊاڪٽر تنوير طاهر سميت مختلف شعبن سان لاڳاپيل نمايان شخصيتن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. مرحوم عامر محمود جو ٽيجهو 29 آگسٽ 2025 تي عصر نماز کان مغرب تائين قرآن اڪيڊمي، ڊي ايڇ اي فيز 6 ۾ ٿيندو. عامر محمود، مرحوم محمود رياض جو پٽ ۽ ابن انشا جو ڀائيٽيو هو.