اسلام آباد/لاهور (مبشر لقمان) مريم نواز جي دورن سان رڳو امدادي ڪارروايون متاثر ٿين ٿيون، مريم نواز پهريان فضائي دورا ڪيا، پوءِ ٻيڙي ۾ درياهه اندر وئي، مريم نواز جو ڪنٽرول روم ۾ ويهڻ وڌيڪ بهتر هجي ها. گڏيل قومن ۽ بل گيٽس ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ جاري ڪيا آهن، پر حڪمت عملي درست نه هجڻ سبب امداد ماڻهن تائين ناهي پهچي رهي، ايم ڊي ايم اي وٽ ڪي پي ۾ انفرا اسٽرڪچر ئي ناهي، امداد اتي جي اتي پئي رهي ٿي، ماڻهو مرندا ته پوءِ امداد ڏيندا؟ حڪومت کي اڳواٽ ٻوڏن جي خبر هئي، پر غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽيون روڪيون نه ويون، 6 هزار سوسائٽيون اين او سي سان ٺهڻ لڳيون، گرين بيلٽ به قبضن هيٺ اچي وئي، اهو سڀ پئسي جي ڪري ٿيو آهي۔ مريم نواز کان سوال آهي ته ڇا اتحاد ٽائون ۾ سندس پٽ جي وڏي سيڙپڪاري آهي؟ ۽ چوڌري منير ۽ کوکرن جا به پيسا لڳل آهن؟ ان سان گڏ قيمت وڌائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري اتحاد ٽائون سامهون 40 ارب رپيا ٿيم سٽي منصوبي تي لڳايا آهن جيئن اتحاد ٽائون اڃا مهانگو ٿئي؟ ته مريم نواز جا دورا رڳو ڏيکاءُ آهن، پوليس ۽ ريسڪيو ادارا پروٽوڪول ۾ لڳي وڃن ٿا. ڪا به سياسي پارٽي ٻوڏ جي حوالي سان آل پارٽيز ڪانفرنس نه پئي گهرائي، جيڪڏهن سياسي پارٽيون سنجيده آهن ته گڏجي هنگامي طور تي حڪمت عملي تيار ڪن.