ڀارت پاران ڇڏيل پاڻي پنجاب ۾ تباهي مچائي ڇڏي، جهنگ شهر کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻي جون پنجاب ۾ تباهيون جاري، چناب درياهه جو پاڻي جهنگ شهر ڏانهن وڌڻ لڳو ، جهنگ شهر کي بچائڻ لاءِ ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪي سان اڏايو ويو.
صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي ) جو چوڻ آهي ته چناب درياهه ۾ غير معمولي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي ۽ جھنگ شهر کي بچائڻ لاءِ قديمي ريواض پُل کان ڪجه مفاصلي تي ريلوي بند کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو آهي.
چناب درياهه ۾ ۾ هن وقت وڏو ٻوڏ وهڪرو چنيوٽ ۾ موجود آهي ۽ ڪجهه دير اڳ اتان کان اَٺ لک ٻاونجاهه هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو هو.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته بند کي گهارو پاڻي جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ هنيو ويو آهي، جيئن ان جي رستي ۾ ايندڙ جھنگ شهر کي ٻوڏ کان بچائي سگهجي.
واضح رهي ته ان کان اڳ صوبائي رليف ڪمشنر نبيل جاويد جي حوالي سان چيو ويو هو ته ٽٽل بند ريواض پُل جو آهي، پر پوءِ ضلعي انتظاميا وضاحت ڪئي ته موضع ننڪانه ۾ ريلوي لائين بند کي ڌماڪي سان اُڏايو ويو آهي.
خميس تي اختيارين چيو هو ته چنيوٽ وٽ چناب ۾ پاڻي جي وهڪرن سبب جھنگ ۽ چنيوٽ جي وچ ۾ موجود ريواض پل کي خطرو آهي ۽ ريواض پل ٽوڙي پاڻي جي وهڪري کي گهٽايو ويندو.
اختيارين موجب، ريلوي بند ۾ گهاري کانپوءِ فيصل آباد ۽ جھنگ ۾ انتظاميا هاءِ الرٽ تي آهي.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب چنيئوٽ مان گذرندڙ پاڻي جو ريلو جھنگ کان ٿيندو تريمون هيڊ ورڪس تائين پهچندو۔
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن موجب، تريمون هيڊ ورڪس تي پاڻي گذرڻ جي گنجائش ڇهه لک 45 هزار ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته هن وقت چنيوٽ مان گذرندڙ پاڻي ان گنجائش کان لڳ ڀڳ ٻه لک ڪيوسڪ وڌيڪ آهي.
ريواض پل ۾ گهارو هڻڻ کانسواءِ اختايرين اهو به چيو هو ته جيڪڏهن پاڻي جو مقدار ۽ شدت گهٽ نه ٿي ته ضرورت پوڻ تي 18 هزاري بند ۾ به گهارو هنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.