لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻي جون ۾ تباهڪاريون جاري آهن، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ڦاٿل 73 هزار ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي.
پنجاب ۾ ريسڪيو اداري جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻوڏ صورتحال کانپوءِ سنڌو، چناب، راوي، ستلج ۽ جهلم دريائن جي لڳو لڳ علائقن مان اٽڪل 73 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب، پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 779 ريسڪيو ٻيڙين ذريعي فلڊ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.
فاروق احمد جو چوڻ هو ته ريسڪيو 1122 جي اهلڪارن طرفان جمعي جي ڏينهن پاڻي ۾ ڦاٿل لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.
ترجمان موجب، سڀ کان وڌيڪ 280 ڄڻن کي قصور مان ريسڪيو ڪيو ويو، جڏهن ته حافظ آباد مان 164، سيالڪوٽ مان 127، اوڪاڙا مان 82، گوجرانوالا مان 76، لاهور مان 4، چنيوٽ مان 41، شيخوپورا مان 32 ڄڻن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته 46 ماڻهن کي جھنگ، بهاولپور، ساهيوال، سرگوڌا، نارووال ۽ فيصل آباد مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.