ڪراچي (ارباب چانڊيو) سرڪاري گدامن مان 8 هزار 762 ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿي ويون آهن. حيدرآباد ريجن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ان حوالي سان رپورٽ ڏني آهي پر ان تي ڪو تحرڪ ناهي ورتو ويو. جڏهن خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري کي آگاهه ڪيو ويو ته ان به ڪو جوڳو جواب نه ڏنو. خانپور ۽ سيتا وليج دادو ۾ 4 هزار ٻوريون گم ٿيون، ڊپٽي ڊائريڪٽر پهتو ته انڪشاف ٿيو ته 8 هزار 762 ڪڻڪ جون ٻوريون گم آهن. اها گهٽ ۾ گهٽ 4 کان 5 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ آهي. جنهن شخص ٻوريون گم ڪيون ان کي ڪا سزا نه ملي پر کيس انعام طور خدا آباد ۾ ڪڻڪ جي گدام جي چارج ڏيڻ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. مطلب اهو آهي ته نائين گريڊ جي آفيسر محمد حسن دل صفائي سان ڌاڙو هنيو ۽ هاڻي ڌاڙيل کي ڪنهن ٻئي هنڌ جي چارج ڏني پئي وڃي ته جيئن اتان به ڪڻڪ گم ڪري. جاچ موجب، ان شخص کي دادو جي بااثر ماڻهن جي وڏي پٺڀرائي آهي جيڪي چونڊيل نمائندا آهن. اها رپورٽ 25 تاريخ جي آهي اهو تازو ڌاڙو آهي، هونئن ته سڄي سنڌ ۾ ڌاڙا لڳندا هوندا پر هي رڳو دادو جي صورتحال آهي. اهو ڌاڙو تيستائين جاري رهندو جيستائين ڌاڙي جا مڪمل تفصيل نٿا اچن ۽ ائين ئي ٿيندو رهيو ته خدا آباد ۾ به صفايو ٿي ويندو. اسان جي ٽيڪس تي ڪڻڪ ان لاءِ خريد ڪئي ويندي آهي ته جيئن ڪڻڪ نه هجي ته سرڪاري گدامن مان ڪڻڪ فلور ملن کي ڏني وڃي ۽ اگهه برقرار رهي. پر سرڪاري گدامن مان ماڻهو ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ کي خرد برد ڪري وڪڻي ڇڏين ٿا، نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪڻڪ نه هجڻ يا صاف سٿري ڪڻڪ هجڻ سبب اگهه وڌندو آهي اٽو مهانگو ٿيندو آهي. ٻئي پاسي اٽي جي اگهه ۾ 10 کان 20 ڪلو واڌ ٿي چڪي آهي. ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ڇو ته ڌاڙو ڪنهن صورت منظور ناهي.