سنڌ ۾ جهالت جو شڪار وري هڪ باشعور نوجوان ۽ سماجي اڳواڻ ٿيو آهي. رپورٽون آهن ته قمبر ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن حملو ڪري عدالت مان پيشي بعد موٽندڙ شهدادڪوٽ واسي نوجوان غلام مرتضيٰ چانڊيو عرف ساگر چانڊيو کي قتل ڪري ڇڏيو. شهر ٻاهران راهوجا باءِ پاس روڊ تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند کيس فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا جڏهن ته ٻئي زخمي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. قتل ٿيل نوجوان سوشل ورڪر ساگر چانڊيو پنهنجي مائٽن سان گڏ قمبر جي عدالت ۾ پيشي بعد واپس ڪار تي وڃي رهيو هو ته هٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري پروڻ ڪيو.
رپورٽن موجب هي نوجوان اصل ۾ قمبر جي ڳوٺ مير جي واهي جو رهواسي هو جنهن کان پوءِ لڏي قبو سعيد خان ويٺو بعد ۾ قبو سعيد خان مان لڏي شهدادڪوٽ ويٺو جتي هو سماجي ڪمن ۾ گهڻو حصو وٺندو هو. پي ٽي آءِ قبو سعيد خان جو جنرل سيڪريٽري به هو. سندس زخمي سئوٽ ۽ پوليس ذريعن جي چوڻ موجب ساگر چانڊيو ڏيڍ سال اڳ پنهنجي ويجهي مائٽ شبير چانڊيو جي ڌيءَ مسرت خيرپور جي رهواسي اصغر ملاح سان حيدرآباد جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو جنهن تي ناري جي وارثن ڇوڪريءَ کي ڀڄائڻ جو الزام غلام مرتضيٰ چانڊيو مٿان هنيو جنهن لاءِ مقتول پنهنجي برادرين چڱن مڙسن ۽ نوابن وٽ دانهيو ۽ راڄوڻي ڪرڻ لاءِ فيصلي جي تاريخ به مقرر ڪئي هئي پر ڌرين جو فيصلو نه ٿي سگهيو جنهن کان پوءِ پرڻو ڪندڙ ناري مسرت جي چاچي بخت چانڊيو لڳ ڀڳ چار پنج مهينا اڳ قمبر جي عدالت ۾ غلام مرتضيٰ چانڊيو ۽ ان جي مائٽن خلاف ناري کي کڻڻ جي الزام تي پٽيشن داخل ڪرائي هئي.
هيءُ قتل ظاهري طور تي ته سڱاوتي تڪرار ۽ غيرت جي بنياد تي پلاند طور ڪيو ويو آهي پر اسان ان کي مجموعي طور تي جهالت سمجهوون ٿا ۽ جهالت جو هڪ شعور تي حملو سمجهون ٿا. جهالت جو شعور تي هي حملو ڪو پهريون حملو ناهي. هر دور ۾ جهالت جو شعور سان اهو تڪرار رهندو آيو آهي پر حيرت اها آهي ته هن ايڪويهين صدي ۾ به اهو تڪرار نه رڳو جاري آهي پر ان ۾ شدت به اچي وئي آهي. قبيلائي جهيڙن ۽ تڪرارن ۾ ٻيو ته ڇڏيو پر شعور يافته ۽ تعليم يافته نوجوان طبقو به شڪار ٿيندو رهيو آهي جنهن جو تازو ترين نشانو غلام مرتضيٰ چانڊيو بڻيو آهي.
جيڪڏهن ان سڱاوتي تڪرار جو تعلق جهالت سان نه هجي ها ته ٿئي ايئن هان ته ناريءَ جا وارث جن جو غلام مرتضيٰ تي الزام هو ته ان سندن نياڻي کي پسند جي شادي م مدد ڪئي آهي ته تن کي اهو ڪيس هر معاملي ۾ قانوني طور وڙهڻ گهرجي ها پر اها جهالت ئي آهي جنهن قانون هٿ ۾ کڻي عدالت جي فيصلي کان اڳ ئي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي هڪ پڙهيل لکيل ۽ سماجي طور سرگرم نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ناريءَ جي وارثن مان سندس هڪ چاچي عدالت ۾ پٽيشن داخل به ڪري چڪو هو ۽ اها ئي درست رخ ۾ اڳڀرائي هئي. ڇاڪاڻ ته اهو عدالت جو ڪم هو ته معاملي جو جائزو وٺي ٻڌائي ها ته واقعي به نوجوان سندن نياڻي کي اغوا ڪيو هو يا اهو سکڻو الزام هو. اهو ڪيس جڏهن هلي ئي رهيو هو ۽ نوجوان پيشين ۾ ويندو به رهيو هو ته پوءِ هٿياربندن جو فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ جو ڪو جواز نه هو. جڏهن ته مقتول پاڻ به ڳالهين ۽ فيصلي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو به رهيو هو. اهو ئي ته فرق هو شعور ۽ جهالت ۾
اسان جو اهو خيال آهي ته موجوده دور ۾ يقينن ماضي جي ڀيٽ ۾ تعليم وڌي آهي پر وڌيل تعليم باوجود اڪثريتي طور تي پسمنده سوچ سماج تي حاوي آهي. وري مٿان ظلم اهو آهي ته سماج اندر لاقانونيت به چوٽ چڙهي وئي آهي اڃا به ايئن چئجي ته لاقانونيت جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي. جنهن ڪري جهالت کي هٿي ملي رهي آهي، پر جيڪڏهن آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي ته جيڪر جهالت کي ۽ ان جي وارداتن کي ٻنجو اچي سگهي پر هتي آئين ۽ قانون جو نيٽ ورڪ ايڏو مضبوط ناهي جيڏو جهالت جون وارداتون ڪندڙن جو آهي. ٻئي پاسي عدالت ۾ هلندڙ ڪيسن دوران به جيڪڏهن ڪنهن کي سيڪيورٽي نه مليل هجي ته باقي ڇا بچيو. هي نوجوان اونئن ئي هٽ لسٽ تي هو ته گهٽ ۾ گهٽ سندس عدالتي پيشي تي اچڻ ۽ وڃڻ وارو معاملو ته محفوظ هئڻ گهرجي ها.
اسان ته هن ايڊيٽوريل ۾ قمبر واقعي کي فوڪس ڪيو آهي پر ڏسجي ته برادرين جي جهيڙن ۾ هڪ نه ٻئي ڏينهن قتل غارت جا واقعا لاڳيتو ٿيندا رهن ٿا جيئن بڊاڻي ۾ ڀٽا ۽ بنگوار برادري جي خوني جهيڙي ۾ 17 ورهين جي پورهيت کي قتل ڪيو ويو. پر پنهنجو موضوع انهن قبيلائي جهيڙن ۾ نشانو بڻيل پڙهيل لکيل نوجوان آهن جنهن کي اسان سنڌي سماج جي شعوري ترقي ۾ رنڊڪ سمجهون ٿا. پر افسوس ته جهالت جي انڌا ڌنڌ وار سان سنڌ جو باشعور طبقو به نشاني تي اچي ضايع ٿي وڃي ٿو جيڪو معاملو هاڻي ناقابل برداشت ٿيندو پيو وڃي. تنهن ڪري پنهنجو اهو خيال آهي ته سنڌ اندر آئين ۽ قانون جي هر قيمت تي بالادشتي قائم ڪرڻ پوندي جيڪا ئي وڌندڙ قتل غارت ۽ لاقانونيت جو توڙ آهي.
ڏسجي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ هونئن ئي حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي سو جهالت سان ۽ خوني جهيڙن ۽ وارداتن کي روڪڻ لاءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي وارو سماج جوڙڻو پوندو. مرتضيٰ چانڊيو جي ڪيس ۾ ئي ڏسجي ته جيڪڏهن عدالت چار پنج مهينا نه لڳائي ها ۽ فوري طور تي ڪيس کي اڪلائي ڇڏي ها ته ممڪن آهي ته هي نوجوان بي ڏوهي ٿي ظاهر ٿئي ها ۽ مٿس الزام غلط ثابت ٿئي ها ۽ پوءِ ممڪن آهي ته مٿس اهو قاتلاڻو حملو به نه ٿئي ها. ان روشني ۾ پنهنجو اهو خيال آهي ته لاقانونيت ۽ قتل غارت کي روڪڻ جو پهريون سخت انتظام ڪرڻ گهرجي جيئن ڪنهن کي به ڪنهن جي زندگي کسڻ جي همت نه ٿي سگهي خاص ڪري قبيلائي جهيڙن ۾ جيڪو باشعور نوجوانن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو تنهن لاڙي کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته ان نوجوان جي قاتلن کي فوري طور تي سزا ڏئي کين عبرت ناڪ انجام تي رسائجي.