درياھن تي ڪئنال پنجاب جي ايجنڊا آهي، ڊيم ٻوڏن کان بچاءَ نٿا ڪن:نواز زئور

حيدرآباد(پ ر)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته  درياھن تي ڊيم ۽ ڪئنال پنجاب جي ايجنڊا آهن، اهي پنجاب جي مفاد ۾ آهن. ڊيمن ۽ ڪئنالن وسيلي پنجاب سنڌو نديءَ ۽ ان جي معاون درياھن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن ڪري پنجاب ۾ آيل هن اٿل کان پوءِ هڪ دفعو وري ڊيمن ۽ ڪئنالن جو راڳ شروع ڪيو ويو آهي،هن چيو ته ڊيم ٻوڏن کان بچاءَ نٿا ڪن، پر اهي خود ٻوڏن جو سبب بڻجن ٿا. هن  چيو ته ڊيمن ۽ ڪئنالن وارين رٿائن کي رد ڪري درياھن جا فطري وھڪرا بحال ڪيا وڃن. ٻوڏن، سوڪهڙن ۽ ماحولياتي تباهي مان نڪرڻ جو حل درياھن جي بحالي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.