حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ڄاڻايو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف اڄ شام 4 وڳي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ويندي. ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته درياھ ۾ پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تان قبضا ختم ڪيا وڃن. راوي ندي ۾ غير قانوني ھائوسنگ اسڪيمون ٺاھي لکين عوام کي موت جي منھن ۾ وڌو ويو آھي. سنڌو درياھ ۾ به غير قانوني ھائوسنگ اسڪيمون ٺھيل آھن. ملير ندي، ھاڪڙو درياھ سميت پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تي غير قانوني قبضا آھن، جنھنڪري جڏھن به سسٽم ۾ پاڻي اچي ٿو ته لکين عوام ھٿرادو مصيبتن جو شڪار بنجي ٿي.غير قانوني قبضا ڪرائيندڙ وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري درياھن، ندين، نئن سميت پاڻي جي قدرتي گذر گاھن تان سمورا قبضا ختم ڪيا وڃن،هن چيو ته سنڌو درياھ ۾ سالن کانپوءِ پاڻي جو ڪجھ مقدار وڌيو آھي. اھا خطري جي نه پر خوشي جي ڳالھ آھي. سنڌ کي 12 مھينا حصي جو پاڻي ملندو رھندو ۽ سمنڊ ۾ درياھ جو ڇوڙ ٿيندو رھيو ته ڊيلٽا آباد ٿيندو. لکين ايڪڙ زمين واپس ٿيندي. هن چيو ته اريگيشن کاتي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن آھي. بند مضبوط ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن جي نالي ۾ اربين روپيا ھڙپ ڪري ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳايون ويون آھن.