گھارو(رپورٽ: شيرزمان جوکيو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه گھارو آمد جي موقعي تي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي گھارو جي اڳواڻن اعجاز شيخ سميت ڪارڪنن ۽ شهرين گُلن جي ورکا سان سندن استقبال ڪيو ۽ اڳواڻن توڙي شهرين پاران اجرڪون اوڍايو ويون. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ڌرتي تي ڪارپوريٽ فارمنگ، پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ، ۽ نوَن صوبن واري شوشي جي سخت مخالفت ڪيون ٿا. هن واضح لفظن ۾ چيو ته اسان نوَن صوبن واري شوشي جي خلاف آهيون، ڇو ته اهڙيون رٿائون سنڌ جي وحدت خلاف آهن ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زرعي معيشت، وسيلن ۽ زمينن تي قبضي جي سازش آهي، جيڪا مقامي آبادگارن، هارين ۽ عام ماڻهن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي. هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هميشه سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪندي رهندي. هن چيو ته موري واقعي خلاف 31 آگسٽ تي موري شهر ۾ وڏو احتجاجي جلسو ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ سنڌ واسين کي ڀرپور شرڪت جو سڏ ڏجي ٿو.