نون صوبن جو شوشو، ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ جي سازش آهي

تحرير: خليق ميمڻ

ڪجهه ڏينهن کان وٺي اردو ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي نوَن صوبن لاءِ وڏي واڪي بحث شروع ٿي ويو آهي. نوَن صوبن ٺاهڻ جي حق ۾ کين جيڪي به دليل مليا آهن، اهي هُو پيش ڪري رهيا آهن ته ڏسو هندستان ۾ 28 صوبا آهن تنهنڪري هندستان اسان کان اڳتي آهي يا يورپ جي ڦلاڻي ملڪ ۾ هيترا صوبا آهن ان ڪري اهو ملڪ ترقي ڪري ويو آهي، اهڙا جيڪي به هُو مثال ڏئي رهيا آهن، هُو اهو وساري ويٺا آهن ته افغانستان ۾ به 34 صوبا آهن هاڻي انهن کان پڇجي ته ڇا افغانستان گهڻن صوبن جي ڪري ترقي ڪئي آهي؟ سوماليا ۾ 14 صوبا آهن ڇا سوماليا پاڪستان کان وڌيڪ ترقي ڪري ويو آهي؟ تنهنڪري پاڪستان اندر نوَن صوبن جي ڳالھه ڪرڻ معني’ پاڪستان ۾ وڌيڪ انتشار پکيڙڻ جي ٻيو ڪجهه ناهي.

پاڪستان اندر ڪجهه مخصوص ڌريون اهڙا شوشا ڇڏي پنهنجا مقصد حاصل ڪن ٿيون. جيڪڏهن موجوده حڪومت اهڙي ڪنهن به فيصلي تي سوچي رهي هجي ها ته راڻا ثناءَ الله کي اهو چئي ڳالهه کي رد گهرڻ جي ضرورت نه پوي ها راڻا ثناء الله هن سڄي بحث کي خالي شوشو قرار نه ڏنو آهي، تنهن ڪري نوَن صوبن وارو شوشو به ڪالا باغ ڊيم وانگي مئل گهوڙو آهي.   جيڪڏھن ھن بحث کي پاڪستان جي تاريخ جي روشني ۾ ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان اول ضياءَ الحق کي اهو خيال آيو ته ملڪ ۾ گهڻا صوبا هجڻ گهرجن. جنرل ضياء الحق هن ڳالهه کي سنجيدگيءَ کان وٺندي ان تي ظفر احمد انصاري جي نگراني هيٺ نوَن صوبن لاءِ ڪميشن ٺاهي. ڪميشن پنهنجي رپورٽ ۾ گهڻن صوبن واري ڳالھ کي ملڪ لاءِ نقصانڪار قرار ڏنو، تنهن کان پوءِ جنرل ضياء الحق کي ان ڳالهه تان پوئتي هٽڻو پيو.

جڏهن اسين پاڪستان جي سياسي حقيقتن مٿان نظر وجهي ڏسون ٿا ته اها پڻ نوَن صوبن جي خلاف بيهي ٿي مثال طور تي سنڌ اندر پيپلزپارٽي شهري سنڌ ۾ ايتري مضبوط پارٽي ناهي جيتري اتر سنڌ جي علائقن ۾ آهي. تنهنڪري پيپلزپارٽي ڪڏهن به اهو نه چاهيندي ته سندس حڪمراني اڌ سنڌ تائين محدود رهي. پنجاب اندر ن ليگ جي سينٽرل پنجاب جي مظبوط پارٽي آهي، جيڪو سينٽرل پنجاب کٽيندو آهي اهو ئي سڄي پنجاب تي حڪومت ڪندو آهي تنهنڪري ڏکڻ پنجاب کي پاڻ وٽ رکڻ لاءِ سينٽرل پنجاب هٿ ۾ هجڻ ضروري آهي ۽ جيڪو سڄو پنجاب کٽي ايندو اهو ئي وفاقي حڪومت ٺاهيندو، ڇو ته  هڪڙي پنجاب صوبي وٽ ٽنهي صوبن کان وڌيڪ قومي اسيمبليءَ جون سيٽون آهن. ان ڪري ن ليگ ڪڏهن به پنجاب اندر ٻه يا ٽي صوبا ٺاهي پنهنجي پوزيشن ڪمزور ڪرڻ نه چاهيندي.

آخر ۾ پاڪستان جي آئين کي پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ واضح لکيل آهي ته جيستائين صوبائي اسيمبلي 2/3 اڪثريت سان نون صوبن جي گهُر نه ڪندي تيستائين ڪو به نئون صوبو نه ٺهي سگهندو. نه رڳو صوبائي اسيمبلي 2/3 اڪثريت سان بل منظور ڪري پر اهو ساڳيو بل وري سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان به ساڳي اڪثريت يعني 2/3 ميمبرن جي ووٽن سان پاس ٿئي تڏهن وڃي نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه ويجهي مستقبل ۾ ٿيندي نظر نه پيو اچي. تنهن ڪري جيڪي سوشل ميڊيا تي اها مهم هلائي رهيا آهن اهي صرف ۽ صرف پنهنجي مشهوري ڪري رهيا آهن ته جيئن کين ويوز ملن ۽ هُو پيسا ڪمائن. باقي اهو سڀ ڪجهه ڪنهن جي اشاري تي پيو ٿئي اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو.

اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا اتي هر ٻئي يا ٽئين مهيني اهڙي قسم جا بحث ٿيندا رهندا آهن ته ٽيڪنوڪريٽ حڪومت پئي اچي يا صدارتي نظام پيو لاڳيو ٿئي وغيره وغيره  هي بحث به اهڙن بحثن جي هڪ ڪڙي آهي، تنهن ڪري انهن کي ايڏو سنجيده وٺي پنهنجو وقت زيان نه ڪجي ته بهتر ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.