سنڌ جا سرڪاري ملازم سراپا احتجاج بنيل آهن ۽ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ بيان ڪيل ملازمن 25 جولاءِ 2025ع تي ادارن کي تالا هڻي ڪم بند ڪري ڇڏيو. سڄي سنڌ ۾ سرڪار جو دفتري ڪاروهنوار رولڙي جو شڪار ٿي ويو. خاص ڪري سنڌ جا تعليمي ادارا بند رهيا. درس وتدريس جو ڪم ٺپ ٿي ويو. ڪلاس رومن کي تالا لڳايا ويا هئا. شاگرد ڪلاس روم بند ڏسي واپس پنهنجي گھرن ڏانهن هليا ويا. باقي اسڪولن جو عملو ويٺو رهيو. عملي جي ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هيون ۽ اسڪول جي عمارتن تي ڪارا جهنڊا هنيا ويا هئا جيڪي هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هئا. ڪن اسڪولن ۾ ته جلسا به ڪيا ويا. جن ۾ مطالبن جي مڃڻ جي گھر ڪئي ويئي.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته، سنڌ جي ملازمن جا ڪهڙا مطالبا آهن. جيڪي حڪومت مڃڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ انڪار ڪري رهي آهي. جنهن ڪري ملازمن ۾ پريشاني جي لهر ڇانيل نظر اچي ٿي ۽ مطالبن جي مڃرائڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي. تعليمي ادارن ۽ آفيسن کي تالا هڻي، ريليون ڪڍيون ويون. سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ڌرڻا هنيا ويا. ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته، سنڌ حڪومت ڪجهه نوان قاعدا ۽ قانون ٺاهيا آهن. جن جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا اٿس. انهن نوٽيفڪيشن موجب سنڌ جي سرڪاري ملازمن سان ناانصافين ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اهي هن وقت ڪيترن ئي مونجهارن ۾ آهن. هڪ طرف ملڪ جي ٽن صوبن جي سرڪاري ملازمن کي ملندڙ دسپيئرٽي الائونس ڏنو پيو وڃي. هن الائونس کي ڊي آر اي ڪري سڏبو آهي. اهو سنڌ جي ملازمن کي ڪونه ٿو ڏنو وڃي. حڪومت ملازمن کي اهو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. ملازمن جو مطالبو آهي ته ٻين صوبن جي ملازمن وانگر اهو سنڌ جي سمورن سرڪاري ملازمن کي ڏنو وڃي. هڪ طرف اها ناانصافي ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف وري پينشن جي سڌارن جي نالي تي ڪٽوتيون ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي. ان اعلان موجب 31 جولاءِ 2025ع کان پوءِ جيڪو به سرڪاري ملازم نوڪري تان رٽائر ٿيندو. ان کي ملندڙ پينشن جي رقم مان ڪٽوتي ڪئي ويندي. جنهن سان ملازمن کي مالي نقصان ٿيندو. ان کان علاوه ملازمن جي پگھارن مان گروپ انشورنس ۽ بينوولينٽ فنڊ جي مد ۾ رقم ڪٽي وڃي ٿي. جيڪا قانون موجب ملازمن جي رٽائرمينٽ ٿيڻ کان پوءِ کين ڏيڻ گھرجي. اها به نه ٿي ڏني وڃي. ان کان علاوه ٻيا به ڪيترائي مطالبا آهن. جن جي مڃڻ لاءِ سنڌ جي سمورن ملازمن تاريخ 25 آگسٽ 2025ع تي سومر جي ڏينهن آفيسن ۽ ادارن کي تالا هڻي احتجاجي مظاهرا ڪيا ۽ ڌرڻا هنيا.
تفصيل موجب مٿئين ڄاڻايل تاريخ تي سنڌ جا سمورا سرڪاري ملازم سراپا احتجاج بنجي نڪري پيا. ان ڏينهن تي اسڪولن ۽ سرڪاري آفيسن جي تالا بندي ڪئي ويئي. سڄي سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ ڌرڻا هنيا ويا. جن ۾ هزارين استادن ۽ سرڪاري ملازمن شريڪ ٿي سنڌ حڪومت خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته، سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ۽ ان ڌاڙي ۾ سنڌ حڪومت ئي ملوث آهي. هڪ طرف پاڪستان جي ٽن صوبن ۾ سرڪاري ملازمن کي ڊسپيئرٽي الائونس ڏنو پيو وڃي. پر، سنڌ جي ملازمن کي اهو ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف پينشن سڌارن جي نالي تي ڪٽوتيون ڪيون پيون وڃن. جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪري نه ٿيون سگھجن. اڳواڻن حڪومت کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته، جيڪڏهن سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ بند نه ڪيو ته ڊگھي مدي لاءِ اسڪولن ۽ آفيسن جي نه رڳو تالا بندي ڪئي ويندي. پر، ان سان گڏوگڏ روڊ رستا پڻ مڪمل طرح بند ڪيا ويندا. ۽ سي ايم هائوس تائين گھيراءُ ڪيو ويندو. گروپ انشورنس به ملازمن جي پگھارن مان ڪٽيو وڃي ٿو. اهو به ملازمن کي ڏنو وڃي. اهو سندن حق آهي. حق وڙهي به ورتا ويندا. اهي احتجاج ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، سن، شڪارپور، سکر، نواب شاهه، ميرپور خاص، ڪنڌ ڪوٽ، خان پور، سانگھڙ، سجاول، قاضي احمد، بدين، سڪرنڊ، ميهڙ، تلهار، ٽنڊوباگو، خيرپور، راڻي پرو، محراب پور، خيرپور ناٿن شاهه، لکي غلام شاهه، سيوهڻ، مورو، ڳڙهي ياسين، مجيد ڪيريو، راڌڻ، ڊگھڙي، وارهه، ٽنڊوالهيار، پنو عاقل، جهنڊو مري، ميرپور بٺورو، کپرو، مٽياري، سعيدآباد، صابو راهو، چونڊڪو، دادو، نوشهروفيروز، ڀريا، بڇيري، دوڙ، ٻانڌي، ڪوٽ لالو، ڪنڊيارو، گپچاڻي، ٺارو شاهه، گمبٽ، ٽنڊو محمد خان، رپڙي، بوزدار وڏا، قمبر، ڦلجي اسٽيشن، گجو، نصرپور، ڪوٽڙي ڪبير، کهڙا، کڏهر، سرهاڙي، مانجهند، شهدادڪوٽ، نصيرآباد، نصرپور، شهزادپور، ٽنڊوآدم، نوان جتوئي، مٺياڻي، هالا، اٺهٺ موري ۽ سنڌ جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سرڪاري دفترن ۽ اسڪولن کي تالا هڻي بند ڪيو ويو ۽ ملازمن پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو. سڀني ملازمن يڪجهتي، اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو ثبوت ڏيئي حڪومت کان مطالبا مڃرائڻ لاءِ پنهنجو آواز بلند ڪيو جيستائين اهي مطالبا نه ٿا مڃيا وڃن اوستائين اهي آواز سنڌ جي درو ديوار سان ٽڪرائيندا رهندا ۽ حڪمرانن جي ڪنن ۾ گونجندا رهندا. هن وقت سڀني کاتن جي ملازمن جي ٻڌي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهي هڪ ئي پليٽ فارم تي متحده و متفق ٿي رهيا آهن ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار آهن. اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته مذڪوره احتجاجن جو دائرو وڌائي ۽ وسيع ڪري سگھجي ٿو. جيڪو وزيراعليٰ ۽ وزيراعظم جي هائوسز تائين وڃي پهچندو. ان سلسلي ۾ مسٽر پيرل پياسي جو چوڻ آهي ته، هيءَ جدوجهد ڪراچي کان ٿيندي اسلام آباد تائين پهچي سگھي ٿي. جنهن ڪري حڪمرانن کي سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي مطالبن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گھرجي. انهن تي غور ويچار ڪرڻ گھرجي اهي سمورا جائز مطالبا آهن. جن کي مڃڻ کان انڪار نه ڪيو وڃي پر، اهي مڃي بيان ڪيل ملازمن جون پريشانيون دور ڪرڻ گھرجن ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ گھرجن. ياد رهي ته سرڪاري ملازم ئي ادارن کي مضبوط و مستحڪم ڪن ٿا. ملڪ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا رهن ٿا. سندن محنت جي بغير ملڪ هرگز ترقي ڪري نه ٿو سگھي. اصل ۾ ملازم ئي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. جن جي بغير ڪابه چر پر ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. جنهن ڪري هن ڪالم ذريعي اسان سنڌ حڪومت جي پاسبانن کي گذارش ٿا ڪريون ته، ملازمن جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري سندن جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.