قدرتي نظام سان غلط هٿ چراند جو نتيجو

تحرير: نصرت جاويد

جغرافيه وڏي ظالم شيءِ آهي. انسان پنهنجي سموري ڪوششن باوجود به ان جي بنيادي تقاضائن کان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگهيو آهي. انهن تقاضائن سان چِڙڇاڙ ئي اسان جي دور جي ماحول کي سخت ترين مشڪلاتن سان منهن ڏياري ڇڏيو آهي. هر ٻئي ڏينهن وسڪاري جهڙي برسات جو سبب اسان هاڻي مون سون جي موسم بدران “ڪلاوڊ برسٽ” کي قرار ڏيون ٿا. اهو واقعو بحيره عرب مان هزارين سالن کان ايندڙ هوائن جي ڪري پيدا نٿو ٿئي، پر ان جي اصل وجه مغربي هوائن ۾ موجود اها نمي آهي، جنهن کي بادل سنڀالي نٿا سگهن ۽ پوءِ اوچتو ئي “ڦاٽي” پون ٿا.

مون سون جي هوائن وانگر، هزارين سالن کان هماليه جي دامن ۽ ان جي چوٽين تي موجود برفاني تڪون به اسان وٽ آهن. برف جا اهي وڏا ڍير اونهاري ۾ ڳري اسان جي دريائن ۾ بار بار ٻوڏون آڻيندا رهيا آهن. اسان جي خطي، جنهن کي تاريخي طور وادي سنڌ سڏيو وڃي ٿو، جا سڀ وڏا شهر به دريائن جي ڪنارن تي آباد ٿيا هئا. انهن مان ڪي درياهه اهڙا به هئا، جن ۾ آيل طغياني سبب پنهنجو رخ بدلايو، ۽ جتي نئون وهڪرو ٿيو، اتي ئي نوان شهر آباد ٿيا.

برطانوي سامراج جڏهن هن خطي تي قابض ٿيو ته پنجاب کي فقط هندستان لاءِ نه، پر سڄي سلطنت برطانيه جي نوآبادين لاءِ “فوڊ باسڪيٽ” ٺاهڻ جي جنون ۾ اچي ويو. ان جنون تحت دريائن مان واهيون ڪڍيون ويون ۽ نوان زميندارا علائقا آباد ڪيا ويا. اهي زمينون پنهنجن وفادارن کي سستي اگهه تي انعام طور ڏنيون ويون. نتيجي ۾ هتي اهڙا “خانداني جاگيردار” پيدا ٿيا، جيڪي پنهنجي علائقن ۾ رعيت کي غلام بڻائي رکندا هئا. ان دور ۾ انگريز آفيسر جي آفيس ۾ ڪرسي ملڻ وڏي عنايت سمجهي ويندي هئي. آفيسرن ڏانهن موسمي ميون سان ڀريل “ٽوڪريون” موڪلڻ جو سلسلو به انهن ڏينهن ۾ شروع ٿيو. اڄ جي ڪرپشن خلاف واويلا ڪندڙن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ته تحفا ڏئي حڪمران کي خوش ڪرڻ جو رواج فقط انگريزن جو نه هو، پر اڳين بادشاهتن ۾ به موجود هو. اها عادت اڄ تائين اسان سان گڏ آهي.

اصل موضوع ڏانهن موٽندي چوڻ ضروري آهي ته دريائن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ان جي وهڪرو هڪ قدرتي نظام آهي، جنهن سان هٿ چراند ڪجهه ڏهاڪن تائين ته فائدي واري لڳندي رهي، پر ان جا ڊگها اثر “ڪلاوڊ برسٽ” جهڙين صورتن ۾ سامهون اچڻ لڳا آهن. برصغير ۾ به گذريل ڪجهه سالن کان قدرتي ماحول سان هٿ چراند جا تباهه ڪن نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان فوراً پوءِ ڀارت اهو سوچي ورتو ته وادي سنڌ جا هزارين سالن کان موجود درياهه نئين ملڪ لاءِ فائديمند نه رهن. دريائن جي رواني سان هٿ چراند ڪندي آخرڪار ٻنهي ملڪن کي سنڌ طاس معاهدي تي مجبور ٿيڻو پيو. ان معاهدي تحت درياهه جهلم، چناب ۽ سنڌو ته پاڪستان جي حصي ۾ آيا، پر راوي، جنهن جي ڪناري تي صديون اڳ کان لاهور آباد هو، ڀارت حوالي ڪيو ويو. ان جي نتيجي ۾ لاهور لاءِ هاڻي روزاني استعمال جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سئين سئو فوٽن تائين کوٽائي ڪرڻي پوي ٿي. لاهور جون صبحون هاڻي ويجهڙائيءَ واري زماني وانگر شفاف نه رهيون آهن. آباديءَ ۾ بي پناهه واڌ به ان جو وڏو سبب آهي. ساڻس گڏ گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جو دونهون ڪيترن ڏينهن تائين سج جي ڪرڻ به نظر اچڻ نٿيون ڏين. راوي وڃائي ويهڻ باوجود، هڪ جماندرو لهوري هجڻ ناتي، مان سنڌ طاس معاهدي جي اهميت کي ايمانداري سان تسليم ڪريان ٿو. پر مودي جي هندوتوا حڪومت ان سان ناخوش آهي. گذريل سال ٻن خطبن وسيلي هن معاهدي جي “نظرثاني” جو مطالبو ڪيو ويو. جيڪڏهن اها نظرثاني واقعي نيڪ نيتي سان ٿئي، ته راوي کان محروم ٿيل علائقن جي سُڪل ٿيندڙ حالتن تي به بحث ٿي سگهي ٿو، پر نيڪ نيتي ۽ رعونت هڪ ٻئي جون ضدون آهن، ۽ مودي سرڪار هن وقت عجيب رعونت ڏيکاري رهي آهي.

اپريل جي آخري هفتي ۾ جڏھن پيلگام، ڪشمير ۾ خوفناڪ دهشتگرد حملي بعد بغير ڪنهن ثبوت جي ڀارت پاڪستان کي ذميوار ٺهرائي ڇڏيو، تڏهن ساڳئي وقت اعلان ڪيو ته سنڌ طاس معاهدو معطل ڪيو وڃي ٿو. ان اعلان کان پوءِ 6 مئي کان 10 مئي تائين پاڪستان تي جنگ به مسلط ڪئي وئي. آمريڪي مداخلت سبب اها جنگ ايٽمي ٿيڻ کان بچي وئي، پر سنڌ طاس معاهدي جي معطلي برقرار رهي. جنگبندي بعد وزيراعظم ڀارت پنهنجي تقريرن ۾ “سندھو درياهه” کان “پنهنجن هارين” جي محروميءَ جو واويلا ڪندو رهيو.

سنڌ طاس معاهدي کان پوءِ پاڪستان جي حصي ۾ آيل دريائن جو رخ بدلائڻ لاءِ وڏو سرمايو، وسيلا ۽ ڊگهي تحقيق گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال کان اڳ اهو ممڪن ناهي. نون ڊيم جي تعمير کان سواءِ ڀارت فقط دريائن ۾ پاڻي روڪي يا اوچتو ڇڏيندي اسان کي بنيادي فصلن جي بوائي روڪي سگهي ٿو، يا هارين جي محنت سان جوان ٿيندڙ فصلن کي اوچتو پاڻي ڇڏيندي ٻوڏ جي حوالي ڪري سگهي ٿو. ٿوري وقت اڳ مودي حڪومت اهڙي رٿ تي عمل ڪرڻ جو سوچيو هو. پر ڀارت جي حصي ۾ آيل درياهه ستلج ٻيهر بپهرجي ويو آهي. پنهنجي زمينن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڀارت وٽ ان کانسواءِ ڪو طريقو ئي ناهي ته اهو پاڻي قدرتي وهڪري سان پاڪستان ڏانهن ڇڏي. جمون جي درياهه توئي لاءِ به ساڳي صورتحال آهي. قدرتي آفت آڏو بيبسي باوجود مودي حڪومت معاهدي جي معطلي ختم ڪرڻ تي تيار ناهي. سنڌ طاس معاهدي تحت ٻنهي ملڪن وٽ پنهنجا “واٽر ڪميشن” آهن، جيڪي باقاعدي رابطو رکندي دريائن جي صورتحال تي نئين ڄاڻ مٽائيندا رهيا آهن. هاڻي به ڀارت پاڪستان کي پنهنجن اسلام آباد ۾ موجود سينيئر سفارتڪارن ذريعي ٻڌايو آهي ته جمون جي توئي درياهه ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي ۽ ستلج جو پاڻي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي. هيءَ ڄاڻ ڏيڻ، باوجود معاهدي جي معطليءَ جي دعويٰ جي، هڪ مثبت اڳڀرائي آهي. ان جي آجيان ڪندي به پاڪستان کي ان موقف تي قائم رهڻو پوندو ته سنڌ طاس معاهدي تي بنا ڪنهن به هچڪ جي عمل ڪيو وڃي، نه ته هن خطي جي قسمت قدرتي آفتن سبب پيدا ٿيندڙ برباديءَ کان سواءِ ڪجهه نه رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.