پاڪستان جو مقبول ڊرامو ”ميري زندگي هي تو“ ڀارت ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي چڪو آهي ۽ يوٽيوب تي هڪ ارب ويوز حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني ڊرامو بڻجي ويو آهي.
ڊرامي جي ڪاميابي جو وڏو سبب مرڪزي جوڙي بلال عباس جيڪو ڪاميار جو ڪردار نڀائي رهيو آهي ۽ هانيا عامر جيڪا ڊاڪٽر آئرا جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي وچ ۾ شاندار آن اسڪرين ڪيمسٽري کي قرار ڏنو پيو وڃي، جن ڏسندڙن جي دلچسپي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب اهو ڊرامو ڀارت ۾ يوٽيوب تي نشر ٿيندي هڪ ارب ويوز حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني ڊرامو بڻجي ويو آهي، جيڪو ان جي وڌندڙ مقبوليت جو ثبوت آهي.
Next Post
You might also like