سيالڪوٽ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 355 ملي ميٽر برسات

سيالڪوٽ (م ڊ) سيالڪوٽ ۾ 11 سالن جو برساتي رڪارڊ ٽٽي پيو، 24 ڪلاڪن ۾ 355 ملي ميٽر مينهن پيو، سيالڪوٽ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 355 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئي، جنهن سان 11 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو، رنگ پورا، شهاب پورا، علامه اقبال چوڪ ۽ پريم نگر سميت ڪيترن علائقن ۾ پاڻي بيهي رهيو، ضلعي انتظاميا موجب نالا ڊيڪ ۾ انتهائي  مٿي درجي جي ٻوڏ اچي وئي، پاڻي جو وهڪرو 77 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي،  ڊپٽي ڪمشنر موجب درياهه چناب ۽ راوي ٻنهي ۾ وڏي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي، جتي پاڻي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، ريسڪيو ٽيمون  سرگرم آهن ۽ ڪرتارپور سميت مختلف هنڌن تان 257 ماڻهن کي بچايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.