پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ايران پاران مدد جي آڇ

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي ۾ ايران پاڪستان کي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي آڇ ڪئي آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ايراني هم منصب سڪندر مومني ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران هن خيبرپختونخوا ۽ گلگت ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب سبب جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. سڪندر مومني چيو ته ايران آزمائش جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني عوام سان گڏ آهي ۽ هر ممڪن مدد لاءِ تيار آهي. محسن نقوي ايراني هم منصب جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان جون خوشيون ۽ ڏک گڏيل آهن، سڀئي ادارا  فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽  ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ رليف حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.