ايف پي ايس سي جو ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ جو شرط ختم

اسلام آباد (بيورو) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (FPSC) جنرل رڪروٽمينٽ لاءِ لکت وارو امتحان ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اميدوارن جو جائزو رڳو ايم سي ڪيوز (MCQs) تي ٻڌل امتحان سان ورتو ويندو. ايف پي ايس سي پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب نئون نظام 21 سيپٽمبر 2025 کان لاڳو ٿيندو، جنهن تحت گريڊ 16 ۽ 17 لاءِ 100 نمبرن جو هڪ ايم سي ڪيوز پيپر ٿيندو، جڏهن ته گريڊ 18 ۽ مٿي لاءِ 2 ايم سي ڪيوز پيپرز رکيا ويندا. پاس ٿيڻ لاءِ اميدوارن کي گهٽ ۾ گهٽ 40 کان 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪرڻ لازمي هوندا، جڏهن ته هر غلط جواب تي 0.25 نمبر ڪٽيا ويندا. ايف پي ايس سي واضح ڪيو آهي ته هي نئون نظام رڳو جنرل ريڪروٽمينٽ تي لاڳو ٿيندو، جڏهن ته مسابقتي امتحان (CSS) اڳي وانگر ساڳي طريقي سان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.