ملير (ڊ ر) ڪراچي بار جي صدر ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جو دورو ڪيو، ان موقعي تي ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ جي اشوز تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، سنڌو درياهه مٿان تڪراري ڪئنالن خلاف جدوجهد ڪئي جنهن ۾ اڳواڻي وڪيلن ڪئي پر سڄي سنڌ جي ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي، پورهيتن، صحافين، هارين، نارين ۽ سنڌ سان چاهه رکندڙ ماڻهن پڻ لکن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جيڪا جدوجهد ايڪي ۽ ٻڌي جي ڪري ڪامياب ٿي ۽ حڪومت کي تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻو پيو،هن چيو ته ٻڌي ۽ اتحاد سان اها اميد آهي ته سنڌ جي وحدانيت تي ڪو وار ٿيو يا ڪو مسئلو ٿيو وري ميدان عمل ۾ هونداسين، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي صدر حنيف سومرو جي ڀيڻيوي، علي محمد گبول جي ڀيڻ، نائب صدر ناز شر جي چاچي ۽ مصطفيٰ عباسي سان سندس ڀاءُ جي وفات تي ساڻن تعزيت پڻ ڪئي، ايڊووڪيٽ عمران، ايڊووڪيٽ سري چند ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.