اسٽيبلشمينٽ پاران سويلين بالادستي تي اثرانداز ٿيڻ جا خدشا؟

اسلام آباد (زاهد گشڪوري) پاڪ فوج جي ميجر جنرل نور ولي خان کي 21هين گريڊ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور 3 سالن لاءِ گهرو وزارت ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ماتحت نادرا ۽ پي ٽي اي سميت ڪيترائي اهم ادارا اچن ٿا، جتي اڳ ئي فوجي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. اِها مقرري اهميت اختيار ڪري وئي آهي ڇو⁠ ته اڳ ۾ به نيڪٽا ۽ ٻين سويلين ادارن ۾ فوجي آفيسرن جون مقرريون ٿيون آهن. سويلين وزارتن ۾ سينيئر فوجي آفيسرن جي مقرريءَ تي سوال اڀري رهيا آهن ته ڇا بيوروڪريسي رياست جي گهرجن مطابق خدمتون سرانجام نٿي ڏئي سگهي؟ يا پوءِ رياست کي وڌيڪ پيشاور قيادت جي ضرورت آهي؟  بيوروڪريٽ ڌرين جو چوڻ آهي ته سويلين سپرمييسي تي اثرانداز ٿيڻ بابت خدشا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ اهڙيون وڌيڪ مقرريون ٿين ٿيون يا نٿيون ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.