حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينئر وائيس چيئرمين ڄام عبدالفتاح سميجو، انجنيئر گلزار سومرو،حيدر شاهاڻي،نثار ڪيريو، هوت خان گاڏهي،ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ،قادر چنا،ڊاڪٽر احمد نوناري،امتياز سمون،ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ ٻين پيپلزپارٽي حڪومت پاران صوبائي وزيرن کي مختلف يونيورسٽين جو پرو چانسلر مقرر ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان کي يونيورسٽين تي سڌي سياسي قبضو قرار ڏنو آهي.پارٽي اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي حڪومت اڳ ئي سنڌ جي وسيلن ۽ ادارن کي تباهه ڪري چڪي آهي، هاڻي تعليمي ادارن کي به پنهنجي سياسي ڪنٽرول هيٺ آڻي سندن خودمختياري ختم ڪرڻ چاهي ٿي. صوبائي وزيرن کي پرو چانسلر مقرر ڪرڻ جو فيصلو مڪمل طور تي يونيورسٽين جي آزادي ۽ تعليمي معيار تي حملو آهي، جيڪڏهن هن فيصلي کي واپس نه ورتو ويو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي ان خلاف سخت احتجاجي مهم هلائيندي