ڪراچي(رپورٽر) ڊائو يونيورسٽي اسپتال ڪراچي ۾ تربيت وٺندڙ نرس سان مبينه هراسان ڪرڻ واري واقعي تي اسپتال انتظاميه هراسان ڪندڙ هيڊ نرس کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ ان سلسلي ۾ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، اسپتال انتظاميه موجب ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات واري وئرل ٿيل وڊيو جو وائس چانسلر نوٽيس ورتو هو، پروفيسر جهان آرا موجب هراسان ۾ ملوث ماڻهن کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.