ڪراچي (عوامي آواز نيوز) ڪراچي سٽيزنز فورم شهر ۾ برساتن کانپوءِ پيدا ٿيل خراب صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڻي نيڪالِي جو ناقص نظام، ڪرپشن ۽ نااهلي سبب هر سال شهرين جي جان ۽ مال جو وڏو نقصان ٿئي ٿو، اڳواڻن چيو ته سياسي سنجيدگي، شفافيت ۽ بهتر منصوبا بندي کان سواءِ مسئلا حل ٿيڻ ناممڪن آهن، هنن نشاندهي ڪئي ته ڪراچي جا ڪيترائي رستا ۽ انڊر پاسز ڊگهي عرصي کان ٽٽل حالت ۾ آهن، نالا ۽ وهڪرا ڪچري سان ڀريا پيا آهن، ترقياتي منصوبا اڌ ۾ ڇڏيل آهن ۽ حڪومت ڪيترين ئي جڳهن تي نون رستن جي نالي تي کوٽايون ڪري ڇڏيون آهن، پر ڪو به منصوبو مڪمل نه ٿيو آهي، شهرين موجب، هر برسات کانپوءِ شهر ٻيهر ملبو بڻجي وڃي ٿو، حڪومت رڳو اعلانن ۽ هڪٻئي تي الزام تراشي تائين محدود رهي ٿي.