سنڌ جي گورنر تعليمي بورڊن بابت بل اعتراض لڳائي واپس اماڻي ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سنڌ بورڊز آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (ٻي ترميم) بل 2025 تي اعتراض اٿاريا آهن ۽ ان کي آئيني شق تحت ٻيهر غور لاءِ سنڌ اسيمبلي ڏانهن واپس موڪليو آهي. بل جي سيڪشن 15 جي ذيلي شق (1) ۾ ‘BPS-20/21’ کي ‘BPS-19/20’ سان تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، جنهن کي گورنر سنڌ ناقابل قبول قرار ڏنو. هن چيو ته هن شق کي ان جي غير ترميم ٿيل حالت ۾ برقرار رکيو وڃي ته جيئن تعليمي بورڊن ۾ انتظامي معيار ۽ تجربو برقرار رهي. گورنر سنڌ آئين جي آرٽيڪل 116(2)(b) تحت ٻيهر غور لاءِ بل کي واپس سنڌ اسيمبلي ڏانهن موڪليو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.