اسلام آباد جي اهم شخصيت فرحان غني وارو معاملو حل ڪندي؟

ڪراچي (ارباب چانڊيو) ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي جو سڀ کان بااثر ٽائون ناظم فرحان غني گرفتار ٿي ويو آهي. فرحان غني جو رشيد آباد، بلديه جي رهواسي، سهيل نالي شخص سان جهيڙو ٿيو هو، جهيڙو ٿيڻ تي فرحان غني سان موجود سندس ساٿين ان شخص کي ڪٽڪو ڏنو جنهن جي وڊيو منظر تي آئي، وڊيو کانسواءِ ان شخص کي ٻئي هنڌ کڻي وڃي به ڪٽڪو ڏنو ويو جنهن ۾ هو رتورت ٿي ويو. وڊيو ۾ تشدد جو شڪار پنهنجو تعرف ڪرائي رهيو آهي، ان جي باوجود مٿس تشدد ڪيو ويو، جيتوڻيڪ فرحان غني مٿس تشدد ناهي ڪيو پر ڇا هن پنهنجي ماڻهن کي چيو هو ته مٿس تشدد ڪيو؟ ان بابت پوليس جاچ ڪندي. پوليس کي اها به جاچ ڪرڻي آهي ته جهيڙي جو اصل سبب ڪيبل جي کوٽائي ڪرڻ هو يا ڪو ٻيو. ان ٽائون بابت اڳ به شڪايتون اينديون رهيون آهن ته اتان جا ماڻهو جهيڙاڪ آهن ۽ جهيڙا ڪندا رهندا آهن. سهيل نالي شخص پنهنجي ماڻهن کي دانهن ڏني جنهن کانپوءِ رپورٽ صوبي جي سربراهه وٽ وئي، ان کانپوءِ اسلام آباد پهتي، اسلام آباد ۾ اهو فيصلو ٿيو ته جن تشدد ڪيو آهي انهن کي بخش نه ڪيو ويندو. فرحان غني هن وقت فيروز آباد ٿاڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تحويل ۾ آهي. ساڳئي ٿاڻي ۾ فرحان غني جي تڪ جا ڪيترائي ماڻهو گرفتار آهن. ٿاڻي تي آيل ماڻهن پوليس کي چيو ته فرحان کي ساڳئي ريت گهلي ٿاڻي تي آندو وڃي پر فرحان غني سعيد غني وٽ پهچي ويو ۽ سعيد غني چيو ته فرحان غني گرفتاري ڏيندو. ايف آءِ آر ۾ اي ٽي سي جا قلم، هٿيار رکڻ، جان کان مارڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. فرحان غني جي ٿاڻي ۾ اهڙا واقعا ڇو ٿين ٿا؟ ۽ تعرف ڪرائڻ باوجود ان شخص مٿان تشدد ڇو ڪيو ويو؟ ٻنهي ڌرين ڪو هڪ ته ضرور غلط هوندو ۽ جيڪڏهن غلط آهي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا موجود آهن ائين ناهي ته اوهان ڪنهن کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو. رد عمل مان ائين لڳي ٿو ته معاملو ننڍو ناهي. اهم شخصيت اسلام آباد مان ڪراچي پهچندي ۽ معاملي کي حل ڪرائيندي. پ پ جو ٽائون چيئرمين گرفتار ٿيندو ته ٻين لاءِ به پيغام ويندو، ان کي نظر ۾ رکندي معاملي کي ٺاهيو ويندو. معاملي جو جيڪڏهن ٺاهه ٿيو ته وڏي سطح تي ٿيندو. فرحان غني کي ان معاملي ۾ پوئتي هٽڻو پوندو، ماڻهو رتورت ٿيو آهي. هاڻي پ پ وارن کي پنهنجي رٽ ڏيکارڻ جي ڳالهه آهي، نه ته اهو ٽرينڊ اڳتي به وڌي سگهي ٿو. جيڪي قلم ڪيس ۾ داخل ڪيا ويا آهن، ان بنياد تي فرحان غني کي اڄ ضمانت نه ملي سگهندي، کيس رمانڊ ۾ به وٺي سگهجي ٿو. رمانڊ ۾ پوءِ رڳو جهيڙو نه پر ٻيون ڳالهيون به ظاهر ٿي پونديون آهن. هن جهيڙي پٺيان جيڪو معاملو آهي ان حقيقت کي به سامهون اچڻ گهرجي. سهيل نالي شخص اهو ظاهر ڪيو آهي ته مٿس تشدد ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي. اسلام آباد مان ڪراچي ايندڙ شخصيت معاملي کي حل ڪرائيندي يا اڳتي لاءِ اهو ٽرينڊ ٺهي ويندو؟

 سرڪاري ملازم تي تشدد: فرحان غني راهداري رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر) سرڪاري ملازم تي تشدد ڪيس ۾ گرفتار سعيد غني جو ڀاءُ فرحان غني پوليس حوالي،  سرڪاري ملازم تي تشدد ۽ ڪارِ سرڪار ۾ مداخلت جي مقدمي ۾ گرفتار سڌ ن وزير بلديات سعيد غني جو ڀاءُ ۽ چيئرمين چني سر ٽائون فرحان غني کي راھداري ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس پاران فرحان غني کي اسپيشل ڊيوٽي مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي پوليس ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيس دهشتگردي شق تحت فيروزآباد ٿاڻي ۾ داخل ٿيل آهي، جڏهن ته  جوابدارن کي اڄ دهشتگردي ٽوڙ جي منتظم عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، عدالت، جاچ آفيسر جي بيان جي روشني ۾، فرحان غني کي هڪ ڏينهن جي راھداري ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان کان اڳ پوليس فرحان غني ۽ ٻين جا بيان قلمبند ڪيا ويا،  ڪيس سرڪاري ملازم جي  فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾دهشتگردي، اقدامِ قتل ۽ ٻيا قلم به شامل آهن، گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ فرحان غني، قمر احمد خان، شڪيل چانڊيو، سڪندر  ۽ روحان شامل آهن. ٻئي پاسي سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني جي سرڪاري اهلڪار سان جهيڙي جي وڊيو منظرعام تي اچي وئي، صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني جي سرڪاري اهلڪار سان جهيڙي ۽ تشدد جي وڊيو منظرعام تي اچي وئي، وڊيو ۾ سلوار قميص پهريل شخص کي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته فرحان غني ۽ ٻيا به موجود آهن. وڊيو ۾ ظاهر آهي ته هڪ شخص  سلوار قميص پهريل شخص کي ڳچيءَ کان جهلي رکيو ويو آهي، جنهن کان پوءِ فرحان غني سان گڏ موجود ماڻهن ان تي تشدد شروع  ڪيو، وڊيو ۾ سڀني ماڻهن کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، صوبائي وزير سعيد غني جو ڀاءُ ۽ چيئرمين چنيسر ٽائون فرحان غني ۽ سندس ساٿين خلاف دهشتگردي جي قلم تحت ڪيس داخل ٿي ويو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ سعيد غني پنهنجي موقف جو اظهار ڪندي چيو ته منهنجي ڀاءُ جو گذريل ڏينهن حافط سهيل نالي شخص سان جهيڙو ٿيو هو، ۽ اڄ ان شخص ڪيس داخل ڪرايو جيڪو سندس قانوني حق هو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته فرحان غني سميت سمورا ماڻهو پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري، قانون جو سامنا ڪندا ۽ عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪندا.واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني جي ڀاءُ فرحان غني کي پوليس سرڪاري اهلڪار تي تشدد ڪرڻ جي الزام هيٺ سندس ساٿين سميت گرفتار ڪري، فيروز آباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جون دفعات به شامل ڪيون ويون آهن.

فرحان جي گرفتاري تي ڪارڪن جذباتي نه ٿين: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سندس ڀاءُ فرحان غني جي گرفتاري قانوني ۽عدالتي معاملو آهي. ڪارڪن جذباتي نه ٿين. آئون سڀني دوستن، پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جو تمام گهڻو شڪرگذار آھيان، جن فرحان غني ۽ ساٿين جي گرفتاري تي پنهنجي همدردي جو اظهار ڪيو. هي گرفتاري هڪ قانوني ۽ عدالتي معاملو آهي، ۽ انشاءالله تعاليٰ اسان ان کي عدالت ذريعي ئي حل ڪنداسين. ڪارڪنن لاءِ هن معاملي ۾ جذباتي ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.