ڍاڪا(م ڊ) بنگلاديش هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کان 1971ع جي نسل ڪشي تي معافي ۽ معاوضن سميت حل نه ٿيل معاملن تي مطالبا ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ بنگلا ديش چيو آهي ته پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڍاڪا آمد دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 1971ع جي اڻ نبريل ٿيل تاريخي مسئلن” تي ڳالهيون ٿيون آهن. هڪ بيان ۾ بنگلا ديشي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته اسحاق ڊار سان ملاقات دوران 1971ع ۾ پاڪستان پاران ڪيل نسل ڪشي تي باقاعده معافي، اثاثن جي ورهاست ۽ 1970ع جي سامونڊي طوفان جي متاثرن لاءِ رکيل پرڏيهي امداد جي منتقلي جا معاملا به بحث هيٺ آيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنگلا ديش انهن معاملن جو فوري حل گهري ٿو ته جيئن مستقبل جي لاڳاپن لاءِ مضبوط بنياد قائم ٿي سگهي. تنهن هوندي، ڍاڪا جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بنگلا ديش مضبوط لاڳاپن جا خواهشمند آهن ۽ گڏيل سهڪار لاءِ ڇهه معاهدا ڪيا ويا آهن. ان کان اڳ ڍاڪا ۾ پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو هو ته پاڪستان ۽ بنگلا ديش جي وچ ۾ 1971ع جا معاملا ٻه ڀيرا لکت ۽ زباني طور حل ٿي چڪا آهن. هن ٻنهي ملڪن کي اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪندي چيو هو ته اسان جو مستقبل روشن آهي. ان سلسلي ۾ اسحاق ڊار ميڊيا کي چيو ته صحافين سان ڳالهه ٻولهه دوران، جڏهن اسحاق ڊار کان پاڪستان ۽ بنگله ديش جي وچ ۾ اڻ نبريل ٿيل معاملن بابت پڇيو ويو ته پرڏيهي وزير چيو ته اهو مسئلو پهريون ڀيرو 1974ع ۾ تحرير طور تي حل ٿيو هن چيو ته،ان کان پوءِ جنرل مشرف هتي آيا ۽ هن مسئلي کي تمام کلي ۽ صاف انداز ۾ حل ڪيو. هوڏانهن پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 6 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿي ويون. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 6 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب ڍاڪا ۾ ٿي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ بنگلاديش جو پرڏيهي معاملن بابت صلاحڪار محمد حسن توحيد شريڪ ٿيا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش جي سفارتڪارن ۽ حڪومتي اهلڪارن لاءِ ويزا ختم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ٿيون.انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ بنگلاديش انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ٿيون. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٻڌايو ته ٽريڊ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، ايسوسي ايٽڊ پريس آف پاڪستان ۽ بنگلاديش سنگباد سنگسٿا وچ ۾ ايم او يو تي صحيحون ٿيون. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي فار سروس اڪيڊميز ۾ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي به صحيحون ٿيون. هوڏانهن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ڪئي آهي.بنگلاديشي شاگردن لاءِ “پاڪستان-بنگلاديش ناليج ڪوريڊور” جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان مطابق، پاڪستان ايندڙ پنجن سالن دوران بنگلاديشي شاگردن کي 500 اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان اسڪالرشپس مان چوٿون حصو طب (ميڊيڪل) جي شعبي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ايندڙ پنجن سالن ۾ 100 بنگلاديشي سول سرونٽس کي به تربيت فراهم ڪندو. پي ٽي اي پي پروگرام تحت پاڪستان اسڪالرشپس جو انگ پنج مان وڌائي پنجويهه ڪري ڇڏيو آهي.