سکر ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ ڀائرن ڀيڻ کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سکر ڀرسان اڳوڻي پوليس اهلڪار جي  پٽن ڪارنهن الزام هيٺ پنھنجع نوجوان ڀيڻ کي قتل ڪري لاش درياھھ ۾ لوڙهي ڇڏيو، سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ان ڏس ۾ خبر پئي آهي ته ايئرپورٽ ٿاڻي تي اي ايس آءِ شهزادو جتوئي جي فرياد تي اڳوڻي اهلڪار بهرام بڊاڻي جتوئي جي پٽ بادل ۽ ٻن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ناري نماڻي عرف اميران کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار بادل بڊاڻي جتوئي پنهنجي ٻن ساٿين سان هم صلاح ٿي منصوبو جوڙي نوجوان جلال شاڌاڻي جتوئي سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام مڙهي پنهنجي ڀيڻ نماڻي عرف اميران بڊاڻي کي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي، جوابدار بادل بڊاڻي ۽ سندس ساٿين قتل بعد ناري نماڻي عرف اميران بڊاڻي جتوئي جو لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.