نيو يارڪ (شهباز گل) سياستدانن ڄاڻي ورتو آهي ته جلد سندن خلاف نيب جا ڪيس ٺهڻ وارا آهن، پنجاب حڪومت جي کوڙ کاتن ۾ ڳجهن ادارن جا ماڻهو اچي فائل چيڪ ڪري رهيا آهن ۽ مالي گهوٻين جو پڇاڻو ڪري رهيا آهن. اهو تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن کي سوڙهو ڪرڻو هوندو آهي. هڪ پاسي سياستدانن خلاف تياري ڪئي وئي آهي ته ٻئي پاسي ن ليگ ۽ پ پ وارن به تياري ڪري ورتي آهي. سياستدانن جا اثاثا لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ پيپلزپارٽي ميمبرن پاران قانونسازي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پ پ جي شازيا مري ۽ نويد قمر طرفان بل آندو ويو آهي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي رازداري جو مطالبو ڪيو ويو آهي. رازداري هوندي ته نيب ۾ ڪيس شروع نه ڪري سگهبو. هن وقت جج، جرنيل ۽ بيوروڪريٽ اثاثا ڊڪليئر ناهن ڪندا، رڳو سياستدانن کي 31 ڊسمبر تائين اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا آهن. هاڻي سياستدان چون ٿا ته اسان کي به اهڙي سهولت هجڻ گهرجي. ذريعن موجب، ن ليگ پ پ جي اهڙي بل جي حمايت ۾ آهي ۽ اهي گڏجي اها ڪم ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ ان جي مخالفت ڪئي آهي. جنهن ڪميٽي ۾ بل آندو ويو اتي پي ٽي آءِ وارن چيو ته ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اليڪشن ڪميشن ان لاءِ پابند ڪيو آهي. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اهم شخصيت کي عهدي جي مدي ۾ واڌ وٺڻي آهي يا ته رڳو واڌ وٺندو يا سياستدانن کي قربان به ڪندو ۽ محسن نقوي جهڙا ماڻهو آڻيندو. ان لاءِ نون صوبن جو منصوبو به ٺاهيو ويو آهي.