هيٺين سطح تي اختيارن جا مخالفن ڪرپشن جو دفاع پيا ڪن:مفتاح اسماعيل

دبئي/اسلام آباد(ڪامران خان)عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پ پ،ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ واري واعدي ۽ فيصلن تي عمل نه ڪيو،رڳو مشرف دور ۾ ناظم بااختيار ٿيا هئا،ڪراچي،لاهور اسلام آباد جهڙن امير شهرن کي وفاق کي پئسا ئي نه ڏيڻ گهرجن،انهن کي پنهنجو پراپرٽي ٽيڪس گڏ ڪرڻ گهرجي،هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو ته آواران،ٿرپارڪر،چارسده جتي ايترا امير ماڻهو نٿا رهن،اتي وفاق وڌيڪ پئسا ڏئي،فيلڊ مارشل ۽ ٻين طاقتورن کي اين ايف سي جا فنڊ هيٺين سطح تي منتقل ٿيڻ جي مخالفت ڪندڙن کي سمجهائڻ گهرجي ته ڇا اهي ڪرپشن جي دفاع ڪري رهيا  آهن؟توهان نااهلي جو دفاع ڪري رهيا آهيو؟توهان اهو چئي سگهو ٿا ته صوبا نه بڻايو پر اهو ڪيئن چئي سگهو ٿا ته انتظامي يونٽن کي اختيار نه ڏنا وڃن،ڏنڊي ذريعي ئي ان سلسلي ۾ نئين قانون سازي ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته اسان هر سال غريب ٿي رهيا آهيون،ٽن سالن ۾ سراسري آمدني گهٽجي رهي آهي،آبادي وڌي رهي آهي،جي ڊي پي شرح رڳو ٻه سيڪڙو آهي،هن چيو ته هر حڪومت ترقي لاءِ ڪوشش ڪندي آهي پر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ ئي ڦاسي پوندي آهي،اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽ ٿيڻ گهرجي،صوبن وٽ وافر پئسو آهي ته اهو نظر ڇو نٿو اچي؟هن چيو ته رڳو هن ڀيري نه هر برسات ۾ ڪراچي ٻڏندي آهي خراب حڪمراني رڳو سنڌ نه پوري پاڪستان جو الميو آهي،هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي به سنڌ حڪومت حوالي آهي،گٽرن جي صفائي به صوبائي حڪومت وٽ آهي،صفائي جو نظام ته مڪاني حڪومتن وٽ هئڻ گهرجي،پنجاب ۾ تازي قانون سازي بعد سمورا اختياروڏي وزير وٽ آهن،هن چيو ته سنڌ ۾ سنڌي نئين صوبي کي قبول نه ڪندا پر اهو ته ڪري سگهجي ٿو ته نون انتظامي يونٽن کي اين ايف سي کان سڌا پئسا ملن،پوليس،سوڪ خدمتن، صحت، تعليم ۾ صوبا مڪمل طور ناڪام ٿي چڪا آهن،هن چيو ته هر ڊويزن جو بااختيار ميئر هئڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.