گڊو بئراج وٽ وڏي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر، سکر وٽ به خطرناڪ صورتحال

سکر(رپورٽ: سيد نعيم شاھ)سنڌ ۾ درياهه جي صورتحال ڏينهون ڏينهن ڳڻتي جوڳي بڻجندي پئي وڃي جڏهن ته آبپاشي کاتي گڊو بيئراج وٽ وڏي درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪري ڇڏي، گڊو بئراج وٽ پاڻي  جا وھڪرا 5 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويا جتي مٿانهون وهڪرو 5 لک 34 هزار 901 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 1 هزار 299 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي ساڳئي وقت سکر بئراج وٽ به صورتحال خطرناڪ بڻيل آهي، جتي مٿانهون وهڪرو 4 لک 23 هزار 50 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 70 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب آبپاشي کاتي پاران ٻئي ڏينهن به وچين درجي جي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي، ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڻي جي لهر اهڙي رفتار سان وڌندي رهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بيئراجن وٽ به وڌيڪ خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف آبپاشي توڙي ضلعي انتظاميا جي ناقص ڪارڪردگي سامهون اچي وئي آهي جتي خيرپور توڙي سکر جي ڪچي جا غريب ماڻھو ٻوڏ جي لپيٽ ۾ اچي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن پر انهن جي سار سنڀال لاءِ ڪا به منظم حڪمت عملي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سکر توڙي خيرپور پاران هڪ ڏينهن به درياهه جي بندن جو دورو ناهي ڪيو ۽ نه ئي اتي جي ماڻهن سان مليا آهن، ڪچي وارا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جتي مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آهي پر سندن کان ڪير به پڇڻ وارا به ناهي ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر توڙي خيرپور طرفان نه ڪا ڪئمپ قائم ڪئي وئي ٻوڌ متاثرن يا پاڻي هيٺ آيل رهواسين لاءِ ۽ نه ئي وري ڪا انهن جي علاج لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي خاندان بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن پر حڪومت ۽ مقامي انتظاميا پاران نه ته انهن کي راشن مليو آهي ۽ نه ئي رهائش جو مناسب بندوبست ڪيو ويو آهي، متاثرن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ رکڻ جا اعلان ضرور ڪيا وڃن ٿا پر افسوس جو هتي اسان وٽ ڪو ماڻهو لڙي به ڪونه ٿو اچي افسوس آهي جو ڪمشنر سکر توڙي ڊپٽي ڪمشنر سکر خيرپور ٽئي اهم عهدن تي ويٺل اسان جي علائقن ڏانهن لڙي به ناهن آيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.