سنڌوءَ جا بند ڪيترا مضبوط؟وفاق پاران سنڌ کان تفصيل طلب

ڪراچي(شڪيل نائچ) ملڪ ۾ برساتي موسم ۽ ٻوڏ جي خطري جي پسمنظر ۾ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کان سنڌو درياهه  جي حفاظتي بندن بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن،آبي وسيلن واري وفاقي وزارتِ جي ماتحت اداري فيڊرل فلڊ ڪميشن سنڌ حڪومت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ نَو اهم سوالن جا تفصيلي جواب گهريا ويا آهن۔ انهن سوالن ۾ پڇيو ويو ته حفاظتي بندن جي ڪُل ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيتري آهي؟اهي بند پاڻي جي سطح کان ڪيترا اوچا آهن؟بندن جي جوڙجڪ ۽ مضبوطيءَ جي صورتحال ڇا آهي؟انهن بندن مان ڪٿان کان وهڪرا (ناليون/واهه) ڪڍيا ويا آهن ۽ اتي بند ڪيترا  مضبوط يا ڪمزور آهن؟بندن کي اڳ ۾ ڪيترا ڀيرا گهارا پيا ۽ انهن کي بند ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟گذريل گهارن کان پوءِ ٻيهر ساڳين جڳهن جي صورتحال ڪهڙي رهي؟مرمت ۽ تعمير تي ڪيترو خرچ ٿيو ۽ ڪهڙيون فائيلون گلوبل انفارميشن سسٽم (GIS) تي تيار ڪيون ويون آهن؟فيڊرل فلڊ ڪميشن جو چوڻ آهي ته جيئن ئي سنڌ جي آبپاشي کاتو تفصيل ڏيندو، هنگامي بنيادن تي فنڊز جاري ڪيا ويندا، ته جيئن گڊو کان ٺٽي ۽ سجاول تائين درياءِ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود حفاظتي بندن جا ڪمزور هنڌ مضبوط ڪيا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.