برسات دوران عورت سان غيراخلاقي حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ شديد برسات دوران عورت سان  اڻوڻندڙ حرڪت ڪندڙ جوابدار کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوابدار جي سڃاڻپ حافظ الله جي نالي سان ٿي آهي، جنهن برسات دوران رستي تي هلندڙ عورت سان  اڻوڻندڙ حرڪت ڪئي، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي جمشيد ڪوارٽر ٿاڻيجي حدن مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار خلاف مقدمو به داخل ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ اڳ به ڪيترائي اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن، معصوم ٻارڙين سان جوابدارن طرفان اڻوڻندڙ واقعا پيش آيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.