ٽائونز کي ملندڙ 90 ڪروڙن مان 70 ڪروڙ پگهارن ۾ وڃن ٿا: منعم ظفر

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي 9 ٽائونز کي ملندڙ آڪٽرائي ضلعي ٽيڪس (OZT) جي رقم جا تفصيل پيش  ڪري ڇڏيا، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير جماعت اسلامي ڪراچي منعم ظفر خان ٻڌايو ته گذريل مالي سال ۾ جماعت اسلامي جي 9 ٽائونز کي سراسري طور هر مهيني 90 ڪروڙ 76 لک رپيا مليا، جن مان سراسري طور هر مهيني 70 ڪروڙ 34 لک رپيا رڳو ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿيا. منعم ظفر خان موجب باقي 20 ڪروڙ رپين مان پيٽرول، ملازمن جي لِيو انڪيشمينٽ، ميڊيڪل، پروويڊنٽ فنڊ ۽ انشورنس تي خرچ ڪيا ويا. صرف گلشن اقبال ٽائون پنهنجي وسيلن مان ٻين خرچن تي 3 ڪروڙ رپيا استعمال ڪيا، منعم ظفر خان وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي نااهلي، بدانتظامي ۽ ڪرپشن سبب ڪراچي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، برساتن ۾ انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ وائکي ٿي وئي. پيپلز پارٽي شهر کي ڪجهه ڏيڻ نٿي چاهي، ڪريم آباد انڊر پاس ۽ ريڊ لائن منصوبا مڪمل نه ٿيا،ڪي فور منصوبي به 2023 تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي ها پر نه ٿيو. جماعت اسلامي امير چيو ته ٽائونز کي ترقياتي فنڊ به نٿا ڏنا وڃن، جڏهن ته پينشن لاءِ 20 سيڪڙو رقم به پنهنجي وسيلن مان رکڻي پوي ٿي.هن جو چوڻ هو ته وزيراعليٰ  سنڌ ۽ ميئر چن ٿا ته ڇا سڄو شهر کوٽي ڇڏيون؟ توهان ريڊ لائين جي نالي تي شهر کي اڳ ئي کوٽي ڇڏيو آهي، ڪريم آباد انڊر پاس ڪڏهن ٺهندو؟ ريڊ لائين ڪڏهن مڪمل ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.