ڪراچي (رپورٽر) ايم اي جناح روڊ تي ڦٽاڪن جي ڪارخاني ۽ گودام ۾ ڌماڪي کان پوءِ لڳل باهه ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو، جڏهن ته 33 ڄڻا زخمي ٿيا. فائر بريگيڊ جي 10 گاڏين باهه تي ضابطو آندو. پوليس گودام مالڪن کي جاچ ۾ شامل ڪيو آهي، جڏهن ته پريڊي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ قتل بالسبب، ڌماڪيدار ۽ آتشگير مواد رکڻ سميت غفلت جا قلم شامل آهن. ڪيس ۾ مالڪ حنيف ۽ ايوب کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن مان حنيف زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ آهي، جڏهن ته ٻيو فرار آهي. گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته شهري علائقن ۾ اهڙن گدامن جي اجازت ناهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.