ارمغان جي پيءُ طرفان بريت لاءِ مقامي عدالت ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾غير قانوني هٿيارن ۽ منشيات سان لاڳاپيل ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران قريشي بريت جي درخواست داخل ڪئي، جوابدار کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار عدالت ۾وڊيو لنڪ جي ذريعي بيان ڏيندي چيو ته مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، ڪامران قريشي جي وڪيل چيو ته اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڪامران قريشي بيگناهه آهي،کيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، وڪيل چيو ته جڏهن ڪامران قريشي پنهنجي پٽ ارمغان جي حق ۾ ڳالهايو ته سندس خلاف به ڪيس داخل ڪيا ويا، انهن ڪيسن ۾ ڪو به خانگي شاهد ناهي، ڪامران قريشي کي ڪيسن مان بري ڪيو وڃي، ڪامران قريشي جي بريت جي درخواست تي عدالت پراسيڪيوشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي لاءِ شاهدن کي به طلب ڪري ورتو، عدالت ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.