ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِڪورٽ ۾ پي اي سي ايڇ ۾ رهائشي عمارت ۾ ڪمرشل سرگرمين جي ڪري ايس بي سي اي پاران پاڻمرادو عمارت ڊي سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايس بي سي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عمارت پائمرادو ڊي سيل ڪرڻ تي عدالت وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت 48 ڪلاڪن ۾ عمارت خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته رهائشي عمارت ۾ اسڪول کي 2023ع ۾ بند ڪيو ويو آهي، رڪارڊ موجب عمارت 2018ع ۾ ڪمرشل سرگرمين لاءِ سيل ڪئي وئي هئي، ايس بي سي اي پاران سيل ڪرڻ کي مالڪ يا ڪرائيدار پاران پاڻمرادو ڊي سيل ڪيو ويو آهي .13 آگسٽ کي عمارت کي ٻيهر سيل ڪيو ويو، فيلڊ اسٽاف ڪيترائي ڀيرا عمارت جو دورو ڪيو پر ڪمرشل سرگرمين جي رپورٽ نه ملي، فليڊ اسٽاف جي دوري تي عمارت جو دورازو اندر کان بند هو ، پائمرادو ڊي سيل ڪرڻ تي لاڳاپيل عدالت فوجداري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.