ڪراچي(رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روٽري فائونڊيشن جي ڇهه رڪني وفد سان اهم ملاقات ۾ پوليو جي خاتمي جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو، هن چيو ته هي موذي مرض ٻارن لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ وڏي پيماني تي مهمون جاري آهن، وڏي وزير اعلان ڪيو ته سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر 2025 ۾ پوليو خلاف (او پي وي) جون ٽي وڏيون مهمون هلائبيون جڏهنته هڪ خاص مهم 15 سالن تائين جي ٻارن کي به شامل ڪندي، ملاقات ۾ روٽري فائونڊيشن جي ٽرسٽي چيئرمين مسٽر هولگر نيڪ، روٽري انٽرنيشنل پوليو پلس ڪاميٽي جي چيئرمين مسٽر مائيڪل ڪي. ميڪ گوورن، پاڪستان پوليو پلس ڪاميٽي جي نيشنل چيئرمين مسٽر عزيز ميمن، روٽري انٽرنيشنل جا اڳوڻا ڊائريڪٽر مسٽر محمد فيض قدوائي، روٽري سنڌ جا ڊسٽرڪٽ گورنر مسٽر شڪيل قائمخاني ۽ ڊسٽرڪٽ گورنر اليڪٽ مسٽر شهزاد صابر شامل هئا، وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ پڻ موجود هئا، اجلاس ۾ سنڌ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ گڏيل تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.