افغان پناهگيرن لاءِ 20 سال پراڻي رليف پيڪيج جو رڪارڊ غائب، پرڏيهي وزارت تي ڪاوڙ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس دوران انڪشاف ٿيو آهي ته افغان پناهگيرن لاءِ 20 سال اڳ ڏنل اربين رپين جي رليف پيڪيج جو رڪارڊ غائب آهي، جنهن تي ذيلي ڪميٽي طرفان پرڏيهي معاملن واري وزارت جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. ڪميٽي، هنڊا اٽلس کان ٻه ڪروڙ رپين جي وصولي جو حڪم به جاري ڪيو. شاهده اختر جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته افغان پناهگيرن لاءِ ڏنل اربين رپين جي رليف پيڪيج جو ڪو به مڪمل رڪارڊ موجود نه آهي. آڊٽ اختيارين مطابق افغان رليف جا 11 منصوبا هئا، جن جو مڪمل ڊيٽا فراهم نه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پنج ارب پنجاهه ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، پر واؤچرز، ڪيش بڪ ۽ جنرل ليجرز فراهم نه ڪيا ويا. اختيارين انڪشاف ڪيو ته ٺيڪيدارن کي اربين رپين جون ادائگيون بغير ڪنهن رڪارڊ جي ڪيون ويون. آڊٽ بريف مطابق  ڪڻڪ، ڪمپيوٽر، مذهبي ڪتابن ۽ شاگردن جي سهائتا تي 1.73 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. ڪابل ۾ نيسپاڪ جي قيام تي 1 ڪروڙ 14 لک رپيا خرچ ٿيا . افغان شاگردن لاءِ 1.10 ارب رپين جو اسڪالرشپ منصوبو به رڪارڊ مان غائب آهي. ڪميٽي جي ميمبرن سوال ڪيو ته ان وقت افغان ڊيسڪ تي پرڏيهي وزارت ۾ ڪير مقرر هو، جنهن تي ٻڌايو ويو ته بريگيڊيئر انور ان وقت ڊائريڪٽر جنرل هئا. وزارت پرڏيهي جي نمائندن چيو ته هنن وٽ رليف پيڪيج جو مڪمل رڪارڊ موجود ناهي، جنهن تي ڪميٽي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو. بلال احمد خان چيو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته وزارت وٽ بلڪل به رڪارڊ نه هجي؟ ڪميٽي، وزارت منصوبابندي جي ڪردار تي به سوال اٿاريا ۽ ٽن هفتن اندر مڪمل تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.