راولپنڊي (م ڊ) فيلڊ مارشل عاصم منير سان چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن پاڪستان جي خودمختياري جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران علائقائي سلامتي، دهشتگردي خلاف قدمن ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چيني پرڏيهي وزير پاڪستان جي ترقي ۽ خودمختياري لاءِ حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. فيلڊ مارشل عاصم منير چين جي مستقل حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين علائقي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي اڳتي وڌائڻ جو گڏيل عزم ورجايو. ياد رهي ته چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان به ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻطرفي واپار سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.