اسلام آباد(ع آ نيوز) آءِ ايم ايف جي دٻاءَ تحت وفاقي حڪومت خرچن ۾ واضح گهٽتائي لاءِ منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. تجويز ڪيل منصوبي تي صوبن طرفان اعتراض سامهون آيو آهي، جتي سنڌ حڪومت ان تجويز کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو سندن ڪارڪردگي سان مشروط ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي. منصوبي تحت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير لاءِ به واضح فنڊ مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاق کي گذريل مالي سال ۾ 7,444 ارب رپين جي خساري کي منهن ڏيڻو پيو. هلندڙ مالي سال ۾ خساري جو اندازو 6,501 ارب رپيا لڳايو ويو آهي منصوبي جو مقصد قرضن جي ادائيگي ۽ بجٽ خساري ۾ گهٽتائي آڻڻ آهي. قرضن تي وياج، سماجي تحفظ، بچاءِ، ترقياتي خرچ، ۽ سبسڊيز وفاقي حڪومت جا وڏا مالي بار آهن. صرف قرضن جي وياج جي مد ۾ هلندڙ مالي سال 8,207 ارب رپيا خرچ ٿيڻ جو امڪان آهي.صوبن کي ڏنل موجوده 57.5 سيڪڙو حصي تي نظرثاني ضروري قرار ڏني وئي آهي. تعليم، صحت ۽ ماحوليات جهڙن شعبن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ صوبن کي وڌيڪ فنڊ ملڻ جو امڪان آهي. ديامر ڀاشا سميت وڏن ڊيمن لاءِ اين ايف سي مان فنڊ ڪڍڻ جي تجويز آهي. اين ايف سي ۾ آباديءَ جي فارمولن ۾ به تبديليءَ جي تجويز، جتي آباديءَ جو وزن 82٪ مان گهٽ ڪرڻ جو امڪان آهي. دعويٰ ڪئي وئي آهي ته وفاق وٽ وڌيڪ وسيلا اچڻ سان آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ آسان ٿيندو. وسيلن ۽ فنڊن جي ورڇ ۾ تبديلي جي فارمولي جي سنڌ مخالفت ڪندي، پنجاب پاران به اعتراض جو امڪان آهي.