روپلي ڪولهي جي 166 هين ورسي، ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا

حيدرآباد(رپورٽر) انگريزن سان ويڙهاند ڪندي وطن لاءِ جان جي قرباني ڏيندڙ پارڪر جي عظيم مزاحمتي امر ڪردار  روپلي ڪولهي جي 166 هين ورسي جي موقعي تي سياسي اڳواڻن، وڪيلن ۽ صحافين پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون سندس تصوير آڏو گل رکي ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر ڪرشنا ڪولهي چيو ته اسانکي شھيد روپلي ڪولهي جي جدوجھد تي فخر آھي،  ھو پنھنجي زندگي ڏئي امر ٿي ويو، جيڪي ماڻهو وطن تان قربان ٿين ٿا اهي امر بڻجي وڃن ٿا، جسقم شهيد بشير خان جي اڳواڻ پنھل ساريي چيو ته ننگر جي ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي ھن قومي ھيري انگريزن خلاف 16 سال مزاحمت ڪئي، پر ھار نه مڃي ۽ ڦاھي چڙھي شھادت ماڻي سرخرو ٿيو. ويرجي ڪولھي چيو ته شھيد روپلي ھڪ نه وسرندڙ تاريخ لکي آھي، ھو اسان جي روحن ۾ گلن جي خوشبوء جيان مھڪي رھيو آھي، ان موقعي تي موقعي تي وڪيل اڳواڻ غلام الله چانگ، سينيئر صحافي اقبال ملاح، جئه پرڪاش موراڻي ۽ اشوڪ راماڻي سان گڏ پارڪر ۽ ٿر واسين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.