اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءِ واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون، رستن ۽ بجلي جي بحاليءَ جي صورتحال تسلي بخش آهي، هن چيو ته اجلاس ۾ وفاقي وزير، چيئرمين اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي، جتي سيلاب جي صورتحال ۽ امدادي قدمن جو جائزو ورتو ويو، وفاقي وزير موجب، رابطي جا رستا مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن، جڏهن ته بجلي جي بحاليءَ جي نظام ۾ بهتري آئي آهي، هن ٻڌايو ته پاڪ فوج ۽ مقامي رضاڪار گڏجي امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن، اين ڊي ايم اي چيئرمين جو چوڻ هو ته وارننگ سسٽم ۾ نمايان بهتري آندي وئي آهي ۽ موسم بابت لڳاتار الرٽ جاري ڪيا پيا وڃن.
-
ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ ٻيهر سوين رپين جي گهٽتائي
ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ هڪ ڏينهن واڌ کان پوءِ ٻيهر سوين رپين جي گهٽتائي ٿي ، سرڪاري خابرو اداري اي پي پي موجب آل پاڪستان صرافه جويولرز ايسوسيئيشن ٻڌايو ته جمعي ڏينهن 24 قيراط في تولا سون جي قيمت ۾ 1500 رپين جي گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ قيمت 3 لک 55 هزار 700 رپيا في تولا ٿي وئي، جڏهن ته گذريل ڏينهن اها قيمت 3 لک 57 هزار 200 رپيا هئي، 24 قيراط جي 10 گرام سون جي قيمت ۾ 1286 رپيا گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ قيمت 3 لک 6 هزار 241 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 22 قيراط جي 10 گرام قيمت به 1179 رپيا گهٽجي2 لک 80 هزار 731 رپيا ٿي وئي.چاندي جي في تولا ۽ 10 گرام جي قيمت 4 هزار 13 رپيا ۽ 3 هزار 440 رپيا تي برقرار رهي.ايسوسيئيشن ٻڌايو ته عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ 15 ڊالر گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ قيمت 3345 ڊالر في اونس کان گهٽجي 3330 ڊالر في اونس ٿي وئي، جڏهن ته چاندي جي قيمت 37.80 ڊالر في اونس تي برقرار رهي.