ممبئي/بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) 8 ٽيمن تي ٻڌل ٽورنامينٽ جو نظرثاني شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، ڪرناٽڪ اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (ڪي ايس سي اَي) کي ايم چناسوامي اسٽيڊيم ۾ ميچن جي ميزباني لاءِ پوليس طرفان اين او سي ڏيڻ کان انڪار تي شيڊيول ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي.
واضح رهي ته هلندڙ سال 4 جون تي رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي ) جي آءِ پي ايل ٽائيٽل کٽڻ کانپوءِ جشن دوران ٿيل ڀاڄ جي نتيجي ۾ 11 ڪرڪيٽ شوقين فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، جنهن کان پوءِ پوليس ڪلئرنس ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
رپورٽ موجب، نئين ممبئي کان اڳ بي سي سي آءِ ترواننت پورم کي بئنگلورو جي متبادل وينيو طور غور هيٺ آندو، جيتوڻيڪ ڪيرالا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ميزباني لاءِ راضي ٿي وئي هئي، پر شهر مان ٻين وينيوز ڏانهن سڌي اُڏامن جي کوٽ رڪاوٽ بڻي.
نئين شيڊيول تحت نيو ممبئي جو ڊي واءِ پٽيل اسٽيڊيم، بئنگلورو بدران وومين ون ڊي ورلڊ ڪپ جي چوٿين ڀارتي وينيو طور ميزباني ڪندو.
30 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ ميگا ايونٽ جو افتتاحي ميچ ڀارت ۽ سري لنڪا جي وچ ۾ گوهاٽي ۾ کيڏي ويندي.
نئين ممبئي ٻن گروپ ميچن جي ميزباني ڪندو، جن ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ 23 آڪٽوبر ۽ 26 آڪٽوبر تي ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ مقابلا شيڊيول آهن.
ان کانسواءِ سريلنڪا بنگلاديش جي ميچ، جيڪا پهرين 20 آڪٽوبر تي ڪولمبو ۾ ٿيڻي هئي هاڻي اِها به نيو ممبئي منتقل ڪئي وئي آهي.
ورلڊ ڪپ جو ٻيو سيمي فائنل 30 آڪٽوبر تي ساڳئي گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو، جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل لا ڪواليفاءِ نه ڪيو ٻيو سيمي فائنل 2 نومبر تي پڻ اتي ٿي سگهي ٿو.
ان کانسواءِ 11 آڪٽوبر واري سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي گوهاٽي مان ڪولمبو منتقل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 10 آڪٽوبر تي بنگلاديش ۽ نيوزيلينڊ واري ميچ وشاڪاپٽنم مان گوهاٽي شفٽ ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح 26 آڪٽوبر تي شيڊيول انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جو مقابلو هاني گوهاٽي بدران وشاڪاپٽنم ۾ ٿيندو .
رپورٽ موجب، جون ۾ جڏهن آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو شيڊيول جاري ڪيو هو ته بئنگلورو کي ميزبان شهرن ۾ شامل ڪيو ويو هو، جتي افتتاحي ميچ، 3 آڪٽوبر وارو سيمي فائنل ۽ 2 نومبر جو فائنل (جيڪڏهن پاڪستان ڪواليفاءِ نه ڪري) رٿيل هو..
ميچن جي منتقلي ڪرناٽڪ اسٽيٽ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن لاءِ وڏو ڌچڪو آهي، جيڪا پوليس، بئنگلورو جي شهري انتظاميا ۽ بجلي کاتي سان مختلف مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. بجلي کاتي فائر سيفٽي قانونن تي عمل نه ٿيڻ سبب اسٽيڊيم جي بجلي پڻ ڪٽي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته چار جون واري بئنگلورو حادثي کانپوءِ رياستي حڪومت فرنچائز ۽ ڪي ايس سي اي کي بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏنو ۽ جاچ لاءِ هڪ رڪني ڪميٽي قائم ڪئي.
ڪميٽي بعد ۾ اسٽيڊيم کي غير محفوظ قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ پوليس ڪي ايس سي اي کي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ ميچن جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like