سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين جو الزام، اڳوڻو صدر گرفتار

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا جي اڳوڻي صدر رانيِل وڪرما سنگھي کي سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس تصديق ڪئي آهي ته وڪرما سنگھي خلاف مبينا ڪرپشن جي جاچ جاري آهي ۽ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
مقامي ميڊيا موجب، 76 ورهين وڪرما سنگھي تي الزام آهي ته هن 2023ع ۾ پنهنجي زال جي گريجوئيشن تقريب ۾ شرڪت لاءِ لنڊن جو دورو ڪيو ۽ ان مقصد لاءِ رياستي وسيلن جو استعمال ڪيو. اهو دورو هن ان وقت ڪيو جڏهن هو ڪوبا ۾ ٿيندڙ جي-77 سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ ملڪ واپس موٽي رهيو هو.
رپورٽ موجب، سندس آفيس انهن الزامن کي رد ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس زال جا هڙئي خرچ هو پاڻ برداشت ڪيا ۽ ڪنهن به قسم جا سرڪاري فنڊ استعمال نه ڪيا ويا.
پر هاڻ ڪرمنل انويسٽيگيشن کاتي جو چوڻ آهي ته وڪرما سنگھي ان خانگي دوري لاءِ حڪومتي رقم استعمال ڪئي ۽ سندس باڊي گارڊز جا خرچ به رياست برداشت ڪيا.
پوليس موجب، ان معاملي ۾ وڪرما سنگھي جي ٽن ويجهن اڳوڻن صلاحڪارن کان به پڇاڳاڇا ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وڪرما سنگھي ۽ سندس زال برطانيا جي هڪ يونيورسٽي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي.
ياد رهي ته ملڪ گير مظاهرن بعد جڏهن گوتابايا راجاپاڪسا عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي ته رانيِل وڪرما سنگھي جولاءِ 2022ع ۾ سريلنڪا جو صدر بڻيو هو.
هن 2023ع جي شروعات ۾ آءِ ايم ايف کان 2.9 ارب ڊالر جو بيل آئوٽ پئڪيج حاصل ڪيو ۽ ملڪ جي تاريخ جي بدترين معاشي بحران کي ڪجهه حد تائين سنڀالي ورتو، پر هو 2024ع جي چونڊن ۾ اقتدار وڃائي ويٺو.
موجودا صدر انورا ڪمارا دسانائيڪ گذريل سال اقتدار سنڀالڻ سان گڏ ئي ڪرپشن خلاف مهم شروع ڪئي هئي، جنهن تحت اها ڪارروائي عمل ۾ آئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.