ڇا توهان جي به موبائيل فون جي سيٽنگ تبديل ٿي وئي ؟ پريشان نه ٿيو مسئلي جو حل ڄاڻيو

جيڪڏهن توهان به اينڊرائيڊ سمارٽ فون استعمال ڪريو ٿا ته توهان به يقينن گذريل ڏينهن پنهنجي فون ۾ ڪجهه اهڙيون تبديليون نوٽ ڪيون هونديون جيڪي پاڻمرادو ٿي ويون ۽ اهي به توهان کان پڇڻ کان سواءِ
ايڪس سميت ڪيئي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي پاڪستان ۽ ڀارت سوڌو سڄي دنيا مان لاڳاپيل واهپيدار ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته سندن اينڊرائيڊ سمارٽ فونز جون سيٽنگز پاڻمرادو بدلجي ويون آهن.
جيئن هاڻ ڪال ملائڻ يا رسيو ڪرڻ وقت فون جو انٽرفيس يعني ڊسپلي ۽ ڊيزائن ساڳيو ناهي جنهن جا هو عادي آهن.
هڪ پاسي ان تبديلي ڪيترن ماڻهن کي شڪ ۽ شُبهي ۾ وڪوڙي ڇڏيو ته ٻي پاسي وري ڪيئي واهپيدار اهو سوال ڪندي نظر آيا ته سندن اجازت کانسواءِ سندن سيٽنگز پاڻمرادو ڪيئن بدلجي سگهن ٿيون.
هن رپورٽ ۾ اسان اِهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نيٺ توهان جي اينڊرائيڊ فون جي ڪال ۽ ڪنٽيڪٽس جون سيٽنگز ڪيئن مٽجي ويون ۽ ڇا ان کي ٻيهر پهريان واري حالت ۾بحال ڪري سگهجي ٿو.
پر جيڪڏهن توهان آءِ فون استعمال ڪري رهيا آهيو ته هيءَ لکڻي توهان لاءِ نه آهي.

هيڪنگ يا اپڊيٽ، حقيقت ڇا آهي؟
ان معاملي تي ڪيترن ئي واهپيدارن پنهنجي طرفان منطق پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪو ان کي هيڪنگ قرار ڏئي رهيو آهي ته ڪنهن کي شڪ آهي ته هي اپڊيٽ ڪٿي رياستي ادارن جي نگراني وڌائڻ جو طريقو ته نه آهي.
مقدس نالي واهپيدار دعويٰ ڪيو ته” مبارڪ هجي توهان جي فون جي به سيٽنگ تبديل ٿي وئي، پاڻمرادو هڪ سافٽ ويئر به انسٽال ٿي ويو جيڪو توهان جي خلاف طوطي وانگر ٻوليندو.“
يوسف سوال ڪيو ته”توهان جي هٿن ۾ موجود موبائل فون جون سيٽنگز ويٺي ويٺي بدلجي ويون آهن، ڇا توهان سمجهو ٿا ته توهان محفوظ آهيو؟“
پر نجيب الله نالي واهپيدار دلجاءِ ڏيندي چيو ته”فون جي ڊسپلي سيٽنگز جو بدلجڻ ’ڪا هيڪنگ نه آهي ۽ نه ئي ڪمپني توهان جون تصويرون يا پيغام چورائي رهي آهي.“
سندس خيال آهي ته ”موبائل ڪمپنيون وقت به وقت فون اپڊيٽ ڪنديون آهن ته جيئن اهو اڳ کان وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ رهي.“

آخر ائين ڇو ٿيو؟
حقيقت ۾هڙني اينڊرائيڊ فونز جو سافٽ ويئر گوگل طرفان ٺاهيو ۽ اپڊيٽ ڪيو ويندو آهي.
گوگل مئي 2025 ۾ اعلان ڪيو هو ته ان جي طرفان ”مٽيريل ٿري ايڪسپريسو“ نالي اپڊيٽ آندي پئي وڃي جيڪا ”ڪيئي سالن دوران سڀ کان وڏي اپڊيٽس منجهان هڪ“ آهي.
گوگل جو چوڻ آهي ته ان اپڊيٽ ذريعي فون جي سافٽ ويئر ۽ ڊسپلي کي سادو، آسان، تيز ۽ معلوماتي بڻايو پيو وڃي.
ان کان اڳ اسان جا اينڊرائيڊ فونز ”مٽيريل يو“ ڊيزائن تي هلي رهيا هئا جيڪو گوگل موجب ” اربين واهپيدارن“ جي استعمال هيٺ رهيو ۽ شايد ان ڪري کين ان جي عادت ٿي وئي هئي.

فون ڪال جون سيٽنگز بنا پڇڻ جي ڪيئن تبديل ٿيون؟
گوگل اعلان ڪيو هو ته ”مٽيريل ٿري ايڪسپريسو“ اپڊيٽ تحت اسان جي اينڊرائيڊ فون ۾ موجود ڪال ايپ جي ڊيزائن پڻ تبديل ڪئي پئي وڃي .
ان کي جون ۾ ڪجهه واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو ۽ پوءِ وڏي پيماني تي رول آئوٽ ڪيو ويو.
گوگل جو چوڻ آهي ته مقصد ڪال ايپ کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي.
هاڻ جڏهن توهان فون ايپ کوليندا ته رڳو ” هوم‘“ ۽ ”ڪي پيڊ“ يعني ڊائلر جا آپشنون نظر ايندا.
گوگل ”ريسنٽ‘“ يعني تازو ڪيل ڪالز ۽.فيورٽس“ آپشن کي ختم ڪري انهن ٻنهي کي ”هوم“ ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي.
ڪمپني موجب، هاڻ هڪ ئي نمبر تان ڪيل مختلف ڪالز کي هڪ جاءِ تي نه ڏيکاريو ويندو پر ڪال هسٽري ۾ سڀ ڪالون وقت جي حساب سان نظر اينديون.
گوگل جو چوڻ آهي ته ” ان سان توهان پنهنجي ڪال هسٽري وڌيڪ سٺي نموني سمجهي سگهندا، ان بدران جو هر نمبر کوليو ۽ ڏسو ته ڪيتريون مس ڪالز آيون آهن يا ڪيتريون ڪالز جو جواب ڏنو ويو آهي.“
ان سان گڏ ”اِن ڪمنگ ڪال“ ۽ ”اِن ڪال“ جي ڊيزائن به واهپيدارن جي فيڊ بيڪ کانپوءِ تبديل ڪئي وئي آهي.
گوگل جو چوڻ آهي ته ان ڪمنگ ڪال جي ڊيزائن ان ڪري تبديل ڪيو ويو ته صارف کيسي مان فون ڪڍندي غلط ڪال نه کڻي وٺي يا غلط ڪال نه ڪاٽي وجهي.“

واهپيدار ڇا ڪري سگهن ٿا؟
گوگل جي پيغام ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن جي ردعمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪيترن ماڻهن جي فون ايپ پاڻمرادو اپڊيٽ ٿي وئي آهي، پر ڪيترن وٽ اڃا تائين سيٽنگز تبديل نه ٿيون آهن.
گوگل بلاگ تي هڪ واهپيدار لکيو ته ”گوگل پلي اسٽور تي ڪجهه فونز ۾ آٽو اپڊيٽس آن هونديون آهن جنهن ڪري ايپس پاڻمرادو اپڊيٽ ٿي وينديون آهن.“
سندس چوڻ هو ته ” واهپيدار اهي آٽو اپڊيٽس آف ڪري سگهن ٿا ۽ ڪال ڊسپلي سيٽنگز ٻيهر پهريان وانگر ڪرڻ لاءِ فون جي سيٽنگز ۾ وڃي ”ان انسٽال اپڊيٽس‘ آپشن تي ڪلڪ ڪري سگهن ٿا.
ساڳي ڳالهه موبائل ڪمپني ون پلس پڻ ٻڌائي، جڏهن ايڪس تي هڪ واهپيدار ڪمپني کان سوال ڪيو ته ”انهن ائين ڇو ڪيو ؟ “ ته جواب ۾ چيو ويو ته ”هي ون پلس طرفان نه پر گوگل فون ايپ جي اپڊيٽ جي ڪري ٿيو آهي، جيڪڏهن توهان کي اڃا به پراڻو اسٽائل پسند آهي ته اپڊيٽس ان انسٽال ڪري ڇڏيو.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.