صوابي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ صوابي پهچي ويو.
شاهد آفريدي خيبرپختونخوا جي ضلعي صوابي ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پهتو.
اڳوڻي ڪپتان ٻوڏ سبب متاثر علائقي دالوڙي پايان جو دورو ڪيو ۽ سانحي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
شاهد آفريدي متاثر گهرن ۽ علائقي ۾ ٿيل نقصانن جو جائزو ورتو، جڏهن ته هن متاثرن ۾ ضرورت جون شيون پڻ ورهايون.
ڊپٽي ڪمشنر نصرالله خان طرفان شاهد آفريدي کي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.
ان موقعي تي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته هو ٻوڏ متاثرن سان هر ممڪن سهڪار ڪندو.
Next Post
You might also like