ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پاڪستان جي سينيئر اداڪاره حنا بيات ڪراچيءَ ۾ برسات کانپوءِ پيدا ٿيل بدترين صورتحال تي حڪمرانن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي۔اداڪاره پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ انسٽاگرام تي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن ڪراچي جي حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ برسات ثابت ڪري ڇڏيو ته عذاب رڳو آسمان تان نٿو لهندو، ڪي ماڻهو به ان جو ذريعو بڻجن ٿا۔ اهي بي حس ۽ نااهل ماڻهو جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪراچيءَ تي حڪمراني ڪري رهيا آهن، اهي وساري ويٺا آهن ته سندن منصب اصل ۾ عوام جي خدمت ڪرڻ آهي،هن چيو ته ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شهر ۾ نه رستا ٺهيا آهن ۽ نه ئي پاڻي نيڪال جو ڪو نظام قائم ڪيو ويو آهي۔ شهر ۾ هر جاءِ پاڻي سان ڀريل آهي، پر اهو پاڻي پيئڻ لاءِ نه آهي، ڇاڪاڻ ته ان لاءِ ٽينڪر مافيا کي پنهنجو منافعو ڪمائڻو آهي۔اداڪاره ڪرپٽ نظام تي به سخت تنقيد ڪندي چيو ته هتي توهان ڪنهن غريب جو ٺيلهو هٽائي ڇڏيو ٿا، پر ان جي جاءِ تي غيرقانوني عمارتون اڏجي وڃن ٿيون۔ نالا ۽ گٽر بند ڪيا وڃن ٿا، ۽ پوءِ جڏهن برسات ختم ٿي وڃي ٿي ته ميئر صاحب ۽ حڪمران فوٽو سيشن لاءِ نڪري پون ٿا،هن چيو ته اسان کي حڪومت کان جواب گهرجي،ڪراچي شهر جي حالت سنڌ جي باقي شهرن جهڙي ڪئي وئي آهي،