ميڊيڪل بورڊ صحافي خاور حسين جي موت کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي( رپورٽر) صحافي خاور حسين جو سانگهڙ  ويجهو ڪار مان لاش ملڻ واري واقعي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، جتي ميڊيڪل بورڊ ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته اها خودڪشي هئي. ذريعن موجب، خاور حسين کي تمام ويجهو کان گولي لڳل آهي، جنهن مان خودڪشي جو امڪان ظاهر ٿئي ٿو. تحقيقاتي ذريعن جو چوڻ آهي ته خاور حسين جي ڪار يا جسم تي ڪنهن ٻئي ماڻهو جي موجودگي يا مداخلت جا ڪوبه ثبوت ناهن مليا. اهو به ٻڌايو ويو آهي ته خاور حسين جي رت جا نمونا ليبارٽري موڪليا ويا هئا، جن جي رپورٽن جو انتظار ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪيس جي مڪمل تصوير سامهون اچي سگهي.ذريعن موجب، خاور حسين جي گهروارن هن وقت تائين ڪوبه ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. واقعي کان پوءِ خاور حسين جي لاش کي حيدرآباد جي اسپتال جي مرده خاني منتقل ڪيو ويو، جتي سندن ڀاءُ اعجاز حسين، ميڊيڪل بورڊ جي جوڙجڪ ۽ سينيئر ميڊيڪل آفيسرن جي نگراني هيٺ تفصيلي پوسٽ مارٽم جي درخواست ڏني هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.